تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

سنڌ سرڪار سالياني ترقياتي پروگرام جي بجيٽ روڪي ڇڏي: پلاننگ عملو موڪل تي روانو

ايمرجنسي دوران سمورن ترقياتي ڪمن جي بجيٽ جاري نه ڪرڻ جوفيصلوڪيوآهي:سرڪاري ذريعا

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي بجيٽ عارضي طور روڪي ڇڏي، سمورين ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ روڪڻ بعد پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ونگ کي به موڪل ڏني وئي آهي، سرڪاري ذريعن موجب سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي انگ ۾ امڪاني اضافي يا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ سالياني ترقياتي پروگرام جي عارضي طور تي بجيٽ روڪي ڇڏي آھي، ڪورونا سبب لاڳو ٿيل ايمرجنسي واري صورتحال دوران سمورين ترقياتي ڪمن جي بجيٽ اڻ ڄاڻايل عرصي تائين جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن کي ڏسندڙ ونگ کي ايندڙ حُڪمن تائين موڪل تي پڻ روانو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هن وقت صوبي ۾ ايمرجنسي واري صورتحال هجڻ ڪري ڪنهن به ايمرجنسي کانسواءِ ڪنهن به قسم جي بجيٽ رليز نه ڪئي وڃي، ذريعن موجب سنڌ سرڪار حالتن کي سامهون رکندي اهڙي قسم جو سخت فيصلو ڪيو آھي، جنهن بعد ناڻي کاتي پڻ مڪمل طور تي جاري ترقياتي رٿائن لاء هر قسم جي رليز بند ڪري ڇڏي آھي هوڏانهن بجيٽ بند ٿيڻ سبب صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي هلندڙ ڪم رُڪجي وڃڻ جو خدشو پڻ آھي. ناڻي کاتي جي ذريعن موجب سڄي صورتحال ايندڙ ٽماهي (اپريل مهينو) تائين واضح ٿي ويندي.

Bookmark the permalink.