تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

سنڌ سرڪار راشن فجر مهل ورهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سماجي تنظيمن کي موبائيل اپليڪيشن تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي هدايت

جتي به امن خراب ٿئي اُتي ورهاست کي فوري طور تي روڪيو وڃي: گهرو کاتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ راشن ورهائڻ جو طريقيڪار تبديل ڪري ڇڏيو. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اين جي اوز کي راشن ورهائڻ جي حوالي سان حڪومت جي موبائيل ايپليڪيشن تي رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو، راشن صبح جو 4 کان صبح 7 وڳي ورهايو ويندو، جن ماڻهن ۾ راشن ورهايو ويندو، انهن جي فهرست اعليٰ عملدارن کي فراهم ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب راشن جي ورهاست دوران امن امان بگڙجڻ جو خطرو هجي ته راشن جي ورهاست فوري طور روڪي ويندي، راشن جي ورهاست دوران سماجي فاصلي جو خيال رکندي رش ڪرڻ نه ڏني ويندي. مستحق ماڻهن جي عزت جو خيال رکيو وڃي، گھٽ ۾ گھٽ 15 ۽ وڌ ۾ وڌ 30 ڏينهن جو راشن مستحقن کي ڏنو وڃي، راشن ۾ اٽو، ڪوڪنگ آئل، داليون ۽ کنڊ سميت ٻيون 17 شيون شامل هجڻ گھرجن

Bookmark the permalink.