تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ سرڪار جا بند پيل وڌيڪ 12 کاتا اڄ کان کولڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار بند پيل وڌيڪ 12 سرڪاري کاتن جون سموريون آفيسون اڄ کان لازمي اسٽاف لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، لاڪ ڊائون سبب بند ڪيل ڪاليج ايجوڪيشن، ٻيلو کاتو، تعليم کاتو ۽ ٻين کاتن جو سموريون آفيسون اڄ کان روزانو معمول موجب صبح 10 کان 4 وڳي تائين کليل رهنديون. ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاليج ايجوڪيشن، ڪوآپريٽو، ثقافت ۽ سياحت، معذورن جي ڀلائي وارو کاتو (اسپيشل ايجوڪيشن)، فاريسٽ کاتي، هيومن سيٽلمينٽ، بين الصوبائي رابطن واري کاتي، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، مائنز اينڊ منرل، پاپوليشن کاتي، اسڪول ايجوڪيشن ۽ راندين واري کاتي جون بند پيل آفيسون اڄ اڱاري کان کُلي وينديون. ياد رهي ته سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون سبب 25 کاتا بند ڪري ڇڏيا هئا. جن مان 13 کاتا مختلف وقتن تي کُلي چُڪا هئا جڏهن ته رهيل 12 کاتا به کوليا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لازمي اسٽاف لاءِ سرڪاري کاتا کوليا ويا آهن.

Bookmark the permalink.