تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس لاءِ قائم ڪيل فيلڊ آئيسوليشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو

وڏي وزير ڏانھن سمري موڪلي منظوري ورتي ويندي، ڪورونا مريضن لاءِ اسپتالن ۾ جڳھه آھي

تعليمي ادارا کلي رھيا آھن، ٽيسٽنگ ڪٽس ضرورت موجب ھجڻ گھرجن: چيف سيڪريٽري سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس لاءِ قائم ڪيل فيلڊ آئيسوليشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه جي صدارت ھيٺ ڪورونا ايمرجنسي فنڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايڪسپو سينٽر ۽ پي ايف ميوزيم ۾ قائم فيلڊ آئيسوليشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جو چوڻ هو ته وڏي وزير ڏانھن سمري موڪلي منظوري ورتي ويندي، ڪورونا مريضن لاءِ اسپتالن ۾ جڳھه آھي، آئيسوليشن سينٽر بند ڪيا وڃن، تعليمي ادارا کلي رھيا آھن، ٽيسٽنگ ڪٽس ضرورت موجب ھجڻ گھرجن.

Bookmark the permalink.