تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 193 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو، صحت کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ڊويزن جا 73،حيدرآباد جا 29، لاڙڪاڻي ڊويزن جا 11 ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 193 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري صحت کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڄامشورو ضلعي جا 7، حيدرآباد جا 22، شهيد بينظير آباد جا 15، نوشهروفيروز ۽ سانگھڙ جا 2_2 ڊاڪٽر برطرف ڪيا ويا. سکر جي 15، گھوٽڪي جي 6، خيرپور جي 14، لاڙڪاڻي جي 5، قمبر_شهدادڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي هڪ هڪ ڊاڪٽر کي برطرف ڪيو ويو. نوٽيفيڪيشن موجب جيڪب آباد ضلعي جي ٽن، ميرپور خاص جي 9، عمرڪوٽ جي ٻن، ٿرپارڪر جي 5، ڪراچي سينٽرل جي 9، ملير جي 14، اوڀر ضلعي جي 49 ۽ ڏکڻ جي هڪ ڊاڪٽر کي جوائننگ نه ڪرڻ تي برطرف ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن پاران ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ وڏي ڄمار وارن ۽ استعفيٰ ڏيڻ وارا ڊاڪٽرشامل آهن جن کي برطرف ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.