تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌ حڪومت جي اعلان تحت اڄ کان صوبي ۾ شادي هالز به کلي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي اعلان تحت اڄ کان صوبي ۾ شادي هالز به کلي ويا آهن. ڪورونا ڪيسز گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ شادي هالز تان پابندي ختم ڪري ڇڏي، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس او پيز تحت شادي هالز ۾ تقريبون ٿي سگهنديون. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ ڪاروباري سرگرميون صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين هونديون ۽ ڇنڇر جي رات 9 وڳي تائين دڪان کليل رهندا. گهروکاتي موجب ميڊيڪل اسٽورز ۽ ضروري شين جي دڪانن کي وقت جي پابندي لاڳو نه هوندي. ياد رهي ته ڪورونا وبا سبب سنڌ حڪومت شادي هالز ۾ تقريبن تي پابندي لڳائي هئي.

Bookmark the permalink.