تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جي 8 ٽيچنگ اسپتالن جي خودمختياري سميت 4 سرڪاري بل منظور

ميڊيڪل ورسٽي جي وي سي يا پرنسپال جي سربراهي واري بورڊ کي اسپتال جا انتظام ڪرڻ ۽ بجيٽ منظوري جااختيار هوندا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي مخالف ڌر جي احتجاج باوجود 4 سرڪاري بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا، پاس ڪيل بلن ۾ ضياءِ الدين يونيورسٽي ترميمي بل 2020، سنڌ ٽيچنگ هاسپيٽلس مينيجمينٽ بورڊ بل 2020ع، سنڌ جهنگلي جيوت بچاءُ، تحفظ ۽ انتظاميا بل 2020ع سميت سنڌ اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽيز (مينيجمينٽ اينڊ ڊسپوزل) بل 2019ع شامل آهن. ڪالهه اجلاس ۾ ٽيچنگ اسپتالن جي انتظامي معاملن کي سنڀالڻ ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ هر ٽيچنگ اسپتال لاءِ الڳ مينيجمينٽ بورڊ ٺاھڻ واري ”سنڌ ٽيچنگ هاسپيٽلس مينيجمينٽ بورڊ بل 2020ع“ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪري، اُن کي اڪثريت راءِ سان پاس ڪيو ويو. منظور ڪيل بل ۾ ڄاڻايل آهي ته هاسپيٽل مينيجمينٽ بورڊ جو چيئرمين لاڳاپيل ٽيچنگ اسپتال جي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر يا ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال هوندو، انهي بورڊ ۾ ناڻي، صحت کاتن جا سيڪريٽري يا سندن ايڊيشنل سيڪريٽري، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل سائنسز فيڪلٽين جا ڊين، طبي ماهر، سول سوسائٽي جو نمائندو، لاڳاپيل اسپتال جو ايم ايس يا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ ڊائريڪٽر فنانس شامل هوندا. بورڊ کي ٽيچنگ اسپتال جا انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ منصوبا، پاليسيون ۽ پروگرام ٺاهڻ، اُنهن جي نگراني ڪرڻ، اسپتال جي خرچن کي منظور ڪرڻ، ٽيچنگ اسپتال جا انتظامي معاملا ڪنهن اين جي او يا خانگي اداري حوالي ڪرڻ، فنڊن جي جاچ پڙتال ڪرڻ سميت ٻيا اهم اختيار حاصل هوندا. اجلاس ۾ ”سنڌ جهنگلي جيوت بچاءُ، تحفظ ۽ انتظاميه بل 2020ع“ پيش ڪيو ويو، جيڪو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو. اُنهي بل تحت سنڌ اندر پکين ۽ مختلف جانورن جي شڪار جا لائسنس ۽ اجازت ناما هاڻي وفاقي حڪومت بدران سنڌ حڪومت جاري ڪندي، اهڙي طرح ٻين ملڪن جي شهزادن يا حڪومتي ماڻهن کي شڪار ڪرڻ لاءِ مختلف علائقا الاٽ ڪرڻ جي اجازت پڻ سنڌ حڪومت ڏيندي. اهڙي طرح جهنگلي جيوت ۽ ناياب نسل جي جانورن جي بچاءُ، واڌ ويجهه ۽ ٻين معاملن کي ڏسڻ لاءِ جهنگلي جيوت بچاءُ ڪائونسل قائم ڪئي ويندي جنهن جو چيئرمين جهنگلي جيوت کاتي جو وزير، صلاحڪار يا خصوصي معاون هوندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ سيڪريٽري جهنگلي جيوت، سيڪريٽري پلاننگ ۽ ٻيا شامل هوندا. اُنهي بل تحت سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي کي اهي اختيار حاصل هوندا ته اهو ڪنهن به زمين کي پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ وارو علائقو ڊڪليئر ڪري، اُتي ڪنهن به قسم جي شڪار، تعميرات يا ٻين سرگرمين تي پابندي لڳائي سگهي. کاتي کي پروٽيڪٽيڊ ايرياز يعني جهنگلي جيوت ۽ ناياب نسل جي جانورن سان لاڳاپيل علائقن ۾ قبضن کي ختم ڪرائڻ جا به اهم اختيار حاصل هوندا. کاتي کي نيشنل پارڪ، جهنگلي جيوت سينچري قائم ڪرڻ ۽ زولاجيڪل گارڊن قائم ڪرڻ جا اختيار به حاصل هوندا. بل تحت وائلڊ لائف رينجر يعني انسپيڪٽر کي جهنگلي جيوت جي موجودگي جي اطلاع تي ڪنهن به جاءِ، ڪنهن به گاڏي جي بنا وارنٽ جي تلاشي وٺڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ماڻهو کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪرڻ جا اختيار حاصل هوندا. اهڙي طرح اُنهي قانون جي ذريعي جهنگلي جيوت جي انسپيڪٽر کي سول ڪورٽ وارا اختيار ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته کاتي کي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جا به اختيار حاصل هوندا، قانوني بل ۾ ڄاڻايل آهي ته جهنگلي جيوت قانون سان لاڳاپيل ڪيس الڳ سان هلائڻ لاءِ صوبي اندر ”جهنگلي جيوت جون اسپيشل ڪورٽس“ قائم ڪيون وينديون، جيڪي ڊسٽرڪٽ جج يا ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جي ذريعي هلنديون. اجلاس ۾ اويڪيو ٽرسٽ ملڪيتن جا اختيار وفاق کان سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ بابت قانوني بل ”سنڌ اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽيز (مئنجمينٽ اينڊ ڊسپوزل) بل 2019ع“ به پيش ڪيو ويو جيڪو به اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. اُنهي بل ۾ ڄاڻايل آهي ته اويڪيو ٽرسٽ جا معاملا سنڀالڻ لاءِ صوبائي سطح تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ قائم ڪيو ويندو، جنهن جو چيئرمين ڪنهن به اهم شخصيت کي مقرر ڪيو ويندو، جنهن جي مقرري وڏو وزير ڪندو. جڏهن ته ميمبرن ۾ 3 ايم پي ايز، بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر ، قانون، مڪاني ادارن ، گهرو، اقليتي معاملن واري کاتي جا سيڪريٽري شامل هوندا، اهڙي طرح ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر، رٽائرڊ سيڪريٽري ۽ سول سوسائٽي جو نمائندو پڻ ميمبر هوندا. اقليتي معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري بورڊ جو ڪنوينر هوندو. بورڊ اويڪيو ٽرسٽ جو رڪارڊ ، اويڪيو ٽرسٽ جي ملڪيتن جا ٻيا سمورا معاملا سنڀاليندو. بورڊ کي ڪنهن به عمارت کي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جو درجو ڏيڻ جا به اختيار حاصل هوندا ۽ بورڊ جي چيئرمين کي سول ڪورٽ وارا اختيار هوندا، جنهن تحت هو اويڪيو ٽرسٽ جي حوالي سان ڪنهن به ماڻهو کي گهرائي حلف تحت بيان رڪارڊ ڪري سگهندو، ڪوبه رڪارڊ گهرائي ۽ ٻيا معاملا پڻ هلائي سگهندو. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اويڪيو ٽرسٽ جا معاملا 18هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ٿي چُڪا آهن، اُن ڪري اهڙي قانون سازي ڪئي پئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا پاران منظور ڪيل مختلف بلن جي پڻ منظوري ڏني وئي، جن ۾ ضياءُ الدين ميڊيڪل يونيورسٽي کي ملڪ کان ٻاهر ڪيمپس قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو بل، ٽيڪنيڪل ادارن کي ڊپلوما سرٽيفڪيٽ بنا امتحان جي جاري ڪرڻ وارو بل، ايجوڪيشن سٽي ڪراچي جي بورڊ جو چيئرمين تبديل ڪرڻ وارو بل ۽ اين اِي ڊي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۾ هڪ ميمبر جي نامزدگي ڪرڻ وارو بل شامل آهن.

Bookmark the permalink.