تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

سنڌ جي 6 ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ بدليون ۽ مقرريون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد کي ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي واڌو چارج ڏني وئي، مقرري جي انتظار ۾ ويٺل غلام اڪبر لغاري کي ٻيهر سيڪريٽري ثقافت مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 20 هين گريڊ جي آفيسر پرويز احمد سيهڙ کي بورڊ آف روينيو ۾ ميمبر جوڊيشل مقرر ڪيو ويو، بقا الله انڙ کي بدلي ڪري کيس سيڪريٽري هيومن سيٽلمينٽ مقرر ڪيو ويو. احمد بخش ناريجو کي سڌ سماءَ ۽ آرڪائيوز جو سيڪٽري لڳايو ويو، احمد بخش ناريجو وٽ سڌ سماءَ واري کاتي جي واڌو چارج هئي. سميع الدين صديقي ۽ اعجاز الحسين بلوچ کي ميمبر صوبائي اليڪشن اٿارٽي مقرر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.