تازا ترين
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

سنڌ جي 14 ضلعن ۾ برسات دوران 3 لک کان مٿي ماڻهو دربدر ۽ اجهن کان محروم ٿيڻ جو انڪشاف: 201 يونين ڪائونسلز متاثر، بيمارين ۾ به اضافو

عمرڪوٽ ۾ سڀ کان وڌ هڪ لک 25 هزار 340، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 93 هزار ماڻهو متاثر ٿيا

بدين جا 25 هزار 140 ۽ ميرپورخاص جا 25 هزار 132 ماڻهو اجهن کان محروم ٿيا:رپورٽ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي 14 ضلعن ۾ برسات دوران 3 لک ماڻهو دربدر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جاري ٿيل رپورٽ موجب 201 يونين ڪائونسلز سخت متاثر ٿيون ۽ بيمارين ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. گذريل 27 ڏينهن ۾ 109 ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي وڌو ۽ 24 ڄڻن کي نانڪن ڪکيو. جاري ٿيل رپورٽ موجب عمرڪوٽ ضلعي جا هڪ لک 25 هزار 340 ماڻهو دربدر ٿيا. ٻئي نمبر تي ٿرپارڪرضلعي جا 93 هزار 295 ماڻهو متاثر ٿيا. بدين جا 25 هزار 140 ۽ ميرپورخاص جا 25 هزار 132 ماڻهو اجهن کان محروم ٿي ويا. متاثر ضلعن ۾ کنگهه، نزلي، زڪام ۽ بخار جي بيماري عام ٿي وئي. گذريل 27 ڏينهن دوران 40 هزار کان مٿي ماڻهو اسپتالن ۾ رجسٽرڊ ٿيا.

Bookmark the permalink.