تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي نظربنديءَ ۾ ٽن مهينن جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي نظربنديءَ ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن ۾ عمر سعيد، فهد نسيم، سلمان ثاقب ۽ شيخ محمد شامل آهن، گهرو کاتي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو ته ڊپ آهي ته هو دهشتگرديءَ جو نئون نيٽ ورڪ جوڙي وٺندا، سنڌ حڪومت ڊينيئل پرل ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ جوابدارن جي بريت واري فيصلي کي رد ڪرڻ جي استدعا ٿيل آهي.

Bookmark the permalink.