تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڪڙ مار اسپري نه ٿيو: پريشان آبادگار مختلف هيلا هلائڻ لڳا: مظاهرا

خيرپور، پير ڳوٺ، سانگهڙ، ورڪشاپ، صالح پٽ ۽ ٻين شهرن ۾ فصل ناس

زاراعت کاتو ننڊ سُتل آهي، پنهنجي مدد تحت فصل بچائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا: متاثر

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ماڪڙ فصلن کي کائي تباهه ڪري ڇڏيو، آبادگار دٻا وڄاڻ تي مجبور، ڪي به هيلا وسيلا نه هليا، زراعت کاتي ڪي به قدم نه کنيا، هارين ۽ آبادگارن جا ماڪڙ اسپري لاءِ مظاهرا جاري، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، سانگهڙ، ورڪشاپ، صالح پٽ، پيرڳوٺ ۽ٻين شهرن توڙي ڪچي وارن علائقن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل، پيرڳوٺ ۽ آس پاس ماڪڙ جا حملا ختم نه ٿيا، مختلف علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل مختلف فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا، ڳوٺ حضور بخش جوڻيجو، نور خان لغاري، صدرجي ڀٽيون، احمدپور، ڪوٽ ميرمحمد، وڏا ماڇيون، رفيق مهيسر ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي. هارين موجب ماڪڙ ڪڻڪ، جوئر، مڪئي توڙي سبزيون کائي تباهه ڪري ڇڏيون آهن، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، واهر ڪئي وڃي.
ورڪشاپ ۾ به ماڪڙ تباھي مچائي ڇڏي آهي. ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا، انتظاميا سجاڳ نه ٿي، ھارين مجبور ٿي مڇي وارا ڄار کڻي ماڪڙ کي کائڻ لا پڪڙڻ لڳا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ هونءَ به اسان جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ان کي پچائي کائون ته پيٽ ڀرجي سگهي.
صالح پٽ ۾ گذريل هڪ مهيني کان ماڪڙ جي فصلن، وڻن، باغيچن ۽ گاهن کي تباهه ڪرڻ جو سلسلو جاري، آبادگارن کي ڪروڙين روپين جي نقصان ٿيڻ کانپوءِ زراعت کاتو سنڌ ۽ وفاق جاڳي پيو، ماڪڙ تي ڦوهارو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ڳوٺاڻن ۽ هارين موجب صرف هڪڙو ڦوهارو ڪري انتظاميه گم ٿي وڃي ٿي، ان سان ماڪڙ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، مڪمل طور تي حڪمت عملي سان ماڪڙ کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.