تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل: فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا: آبادگارن جا مٿي تي هٿ

لاڙڪاڻو، پيرجو ڳوٺ، نوشهروفيروز، سانگهڙ، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ ماڪڙ مار اسپري نه ٿيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جون تباهيون جاري، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، زراعت کاتي ڪي به قدم نه کنيا، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ماڪڙ جي حملن ۽ ان جي خوف سبب آبادگار ڪڻڪ پوکي ناهن سگهيا، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ پوکيون ٿا ته ماڪڙ داڻو کائي وڃي ٿي، جنهن سبب ڪڻڪ پوکڻ ۾ ڏکيائون اچي رهيون آهن، سدائين کي نقصان ٿيندو آهي، ساريون به گهٽ لٿيون آهن،ڪنگري ۾ پڻ ماڪڙ جون تباهيون جاري آهن، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل سبزيون باغ تباهه ڪري ڇڏيا، ڪنگري تعلقي جي مختلف علائقن وڏا مهيسر، ڪوٽ پل، ڪي ٽي زمان شاهه، فيض محمد ٻنڊو، ڪي ٽي سيد علي حيدر شاهه، عبدالرحمٰن انڙ، احمدپور، ڪوٽ ميرمحمد، الرا جاگير، ٻنڊي جوڻيجا، صادق ڪلهوڙو ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل، سرنهن، ڪيلا سبزيون کائي تباهه ڪري ڇڏيون آهن،آبادگار جو چوڻ آهي ته ماڪڙ اسان جا فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، انتظاميه ڪي به اپاءُ نه پئي وٺي، هُنن گھر ڪئي ته ماڪڙ مار اسپري ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته سانگهڙ، خيرپور، پيرڳوٺ، نوشهرفيروز، مورو، ٺاروشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ وقفي وقفي سان ماڪڙ جا حملا جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙ تي فصل کائي ناس ڪيو پيو وڃي.
هنڱورجا ۾ ماڪڙ جي تباھ ڪارين خلاف آبادگار، هاري ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا، قومي شاهراهه، مڇر چوڪ ۽ پنجهٽي چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا، دڪاندارن پاڻمرادو شهر بند ڪري ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته ماڪڙ اسان جي فصلن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا تائين ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ناهي ڪرايو ويو ماڪڙ علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ماڪڙ جي خاتمي لاءِ جهاز ذريعي اسپري ڪراو وڃي، ٻي صورت ۾ قومي شاهراھ تي اڻ مدي ڄاتل تائين ڌرڻو هڻي شهر ۾ مڪمل طور تي هڙتال ڪئي ويندي.



Bookmark the permalink.