تازا ترين
  • *هالا ويجهو حاجاڻا ۽ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو *جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب ڌڻي بخش حاجاڻو حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *آءِ جي سنڌ جي حڪم تي مونکي مليل پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي: سردار خان چانڊيو *ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺو آهيان، آءِ جي جنهن ٿاڻي تي چوي آئون پيش ٿيندس: سردار خان چانڊيو *4ڊي آئي جيز جي سربراهي ۾ منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا: سردار خان چانڊيو *ڪنهن به روپوش جي ڳولا منهنجي ئي گهرن تي ڇو ٿي ڪئي وڃي: سردار خان چانڊيو*
  • *کپرو ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *کپرو: مختلف ڳوٺن جي رهواسين شھيد چوڪ تي احتجاج ڪيو، نعريبازي *سنڌڙي تعلقي جي 22 هزار ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن: ڳوٺاڻا*
  • *ڳڙهي ياسين ويجهو 6 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪراچي مان گرفتار *شهزادو جتوئي ۽ نصرت لاشاري قتل ڪيس ۾ ملوث احسان لاشاري کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو *
  • *جهڏو واسڻ ناري کي مبينا پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش *14ورهين جي اربيلا جروار پيءُ ۽ ڀاءُ سميت ڊگهڙي ۾ صحافين وٽ پهچي وئي *امڙ 2 لک روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فرار ٿي ڊگهڙي ۾ مائٽن وٽ آئي آهيان: اربيلا جروار *امڙ بااثرن سان گڏجي بابا خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ناري*
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

سنڌ جي ٻيٽن تي هائوسنگ اسڪيم بابت ڪاميٽي ۾ بريفنگ ڏيڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي جهاز راني بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ ۽ بلوچستان جي آئي لينڊن بابت اٿارٽي جي قيام ۽ سنڌ جي آئي لينڊ تي هائوسنگ اسڪيم بابت ڪاميٽي ۾ بريفنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين عامر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي پارلياماني سيڪريٽري لال مالهي چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن کان مون توهان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، آئي لينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي رهائشي منصوبا اڏڻ بابت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بحث هلي رهيو آهي اهو مامرو سپريم ڪورٽ تائين به ويو آهي، اربين رپين جا مامرا ٻڌايا پيا وڃن، پر هي لاڳاپيل ڪاميٽي هجڻ جي باوجود ڪاميٽي کي ڪا به خبر ناهي، اسان جڏهن تڪن ۾ وڃون ٿا ته ماڻهو اسان کان ٻيٽن جي منصوبن بابت پڇن ٿا، هن چيو ته سنڌ جي آئي لينڊ تي شروع ٿيندڙ منصوبن ۽ اٿارٽي بابت ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي ۽ اهو مامرو ايجنڊا تي رکيو وڃي، جڏهن ته پ پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته گهرن پاڻين بابت ڪا پاليسي ڪونهي، پاليسي نه هجڻ باوجود ڊيپ سي فشنگ ٽرالرز ڇو گهرايا ويا آهن؟، جنهن تي ڪراچي جي ماهيگيرن کي ڳڻتي آهي، چيئرمين ڪي پي ٽي چيو ته 12 ٽرالر گهرايا ويا آهن، جهاز راني جي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڊيپ سي فشنگ پاليسي اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان ٺاهينداسين، ان بابت پهريان سنڌ ۽ بلوچستان سان مشاورت ٿيندي، ٽرالرز فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين گهرايا آهن، جڏهن ته ڪاميٽي قانون وزارت جي راءِ اچڻ تائين پورٽ قاسم اٿارٽي بل جي منظوري کي ملتوي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.