تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

سنڌ جي هڪ وڌيڪ معصوم نياڻي وحشت جو نشانو بڻجي وئي، ڪنڊيارو ۾ معصوم نينگري سان اجتماعي زيادتي جي تصديق

ڪجهه ڏينهن اڳ نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ميڊيڪل رپورٽ پڌري

ڪنڊيارو (ن پ ا) سنڌ جي هڪ وڌيڪ معصوم نياڻي وحشت جو نشانو بڻجي وئي، ڪنڊيارو ۾ 12 سالن جي نينگري سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي، پر پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ڪيو آهي نه ئي جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ آندي آهي. باقر شاهه محلي مان ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا اغوا بعد مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن ۾ ساڻس زيادتي جي تصديق ٿي آهي. ميڊيڪل رپورت ۾ چيو ويو آهي ته نينگري کي هڪ کان وڌيڪ جوابدارن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. اهڙي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد متاثر نينگري جا وارث ٿاڻن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آهي. نينگري جي پيءُ مختيار شيخ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس مامري ۾ ڪابه مدد نه ڪئي، جنهن سبب مايوس ٿي عدالت جو در کڙڪايو، جنهن بعد نياڻي جو ميڊيڪل ڪيو ويو. هوڏانهن ايس ايچ او ڪنڊيارو غلام شبير شر ٻڌايو ته متاثر ناري جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا، هو ايندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.