تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

سنڌ جي مني بس ٽرانسپورٽرن سڀاڻي کان هر صورت ۾ گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ٽرانسپورٽ بندهجڻ ڪري گاڏين جامالڪ،ڊرائيورتوڙي ڪنڊيڪٽربکن۾پاهه ٿي وياآهن:اڳواڻ

گاڏيون هلائڻ کان روڪيوويوته ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزيرجي گهرآڏواحتجاج ڪيوويندو: چتاءُ

حيدرآباد (بيورو رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽرن سڀاڻي کان هر صورت ۾ گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آل سنڌ مني بس ايسوسيئشن سنڌ جي صدر ياسين بلوچ چيو آهي ته صبح 10وڳي جنرل بس اسٽينڊ کان ڪراچي، ميرپورخاص، مٺي ۽ ٻين شهرن ڏانهن بسون هلائڻ جي شروعات ڪئي ويندي. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وين سروس بحال ڪئي ويندي. اڳواڻن موجب ٽرانسپورٽرن 3 ڏينهن اڳ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته 19 مئي تائين ٽرانسپورٽ هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته 20 مئي کان گاڏيون روڊن تي هونديون. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سان فون تي ڳالهه ٿي کين ڪجهه ڏينهن صبر ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هنن چيو ته گاڏين جا مالڪ، ڊرائيور توڙي ڪنڊيڪٽر بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن هاڻي ڪجه به ٿئي پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائي ويندي. اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گاڏين کي روڪيو ويو ته ٽرانسپورٽر سکر ۾ صوبائي وزير اويس شاه جي گهر آڏو گاڏيون بيهاري احتجاج ڪندا.

Bookmark the permalink.