تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ جي مختلف کاتن فيبروري کان پيٽرول پمپس کي ادائگيون نه ڪيون

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن پيٽرول پمپ مالڪن کي سرڪاري گاڏين جي تيل جي رقم ادا نه ڪئي آهي، جنهن ڪري پيٽرول پمپ مالڪن سنڌ سرڪار کان رقم جي ادائگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڪالهه پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي آنر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار جا ڪيترائي کاتا آهن، جيڪي سرڪاري گاڏين ۾ تيل ڀرائين ٿا پر فيبروري کان پوءِ هن وقت تائين پئسا ناهن ادا ڪيا ويا. هنن چيو ته پيٽرول جون قيمتون سي اين جي جي برابر ٿي وڃڻ بعد سي اين جي اسٽيشنون سخت بحران جو شڪار ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سي اين جي گيس جون قيمتون گھٽايون وڃن.

Bookmark the permalink.