تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڳڙي سان تيز برسات، ڪچا گهر ڊهي پيا، بجلي بند، فصلن کي نقصان

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به تيز ڳڙي سان برسات پئي، جنهن ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي نقصان رسيو آهي. ان ڏس ۾ سکر، قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي، جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي تيار فصل سميت گلن جي پوک، ھنداڻي ۽ ٽماٽرن جي فصل کي نقصان رسڻ جو انديشو آهي. ڳڙهي خيرو ۾ تيز هوا سان پيل برسات سبب ڳوٺ محمد حاتم کوسو ، رسول آباد ڀٽو ، ميان بخش دستي ، بشام خان ڪٽوهر ، ٺيڙهه شريف ۽ ڳوٺ عبدالحميد کوسو سميت مختلف ڳوٺن ۾ شاهنواز ڪٽوهر ، عاشق علي ڪٽوهر ، ممتاز دستي ، غلام نبي دستي، عبدالستار دستي، معشوق علي ڪٽوهر، حبيب الله مگسي ۽ ٻين جا ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته برسات دوران دوداپور فيڊر جا ڪيترائي ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. سجاول جوڻيجو، وارث ڏنو ماڇي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڳڙي سان تيز برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي، جڏهن ته برسات سبب ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل کي ڌڪ رسيو آهي. بهرام ۽ ڀرپاسي ڳڙي سان برسات پئي، ٺل ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ برسات پئي، جنهن بعد مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڳڙهي خدابخش ڀٽو، پنجو ديرو، عزت جي وانڍ، ڀونڀٽ پور، راهوجا، بهمڻ، سعدو ديرو ۾ ڳڙي سان تيز برسات پئي، برسات دوران بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو. برسات سبب ڪڻڪ جي فصل سميت ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري آبادگارن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي. ڪرمپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ ۽ ڳڙي سان تيز برسات پئي. ان کانسواءِ مقصودورند، دوڙ، پنوعاقل، پيرجوڳوٺ، نوشهروفيروز، دولت پور صفن، قاضي احمد، نواب ولي محمد، ڦل شھر، پڊعيدن، ٻانڌي ۽ ٻين هنڌن تي به برسات پئي.

Bookmark the permalink.