تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪتن 12 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار نه گهٽجي سگهيو، مختلف شهرن ۾ ڪتن 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ٺري ميرواهه ۾ 5، ڪنب 2، گمبٽ ۾ ٻن ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. نئون ڳوٺ، ڀرياسٽي ۽ شيخ ڀرڪيو ۾ هڪ هڪ ماڻهو کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو. ٺري ميرواهه ۾ يوسي محسن شاھ واسي 40 ورهين جو محراب علي، 8 ورهين جي عبدالحميد پٽ غلام قادر چنو، 13ورهين جو جميل احمد، ڳوٺ باقي خان واسي نوجوان غلام علي پٽ احمد علي، ڳوٺ ڏيپارجا واسي نعيم احمد کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو. زخمي ويڪسين لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال پهتا جن کي ويڪسين ڪئي وئي. ڪنب لڳ ڳوٺ جسڪاڻي جي 10 سالا بلاول ولد غلام سرور جسڪاڻي ۽ ڳوٺ غلام حسين گوپانگ واسي 14 سالا شاهد ولد مير خان گوپانگ کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي تعلقا اسپتال ڪوٽڏيجي مان ويڪسين ڪئي وئي. گمبٽ ۾ رولو ڪتن ٻن معصوم ٻارڙن ڳوٺ خانڻ واسي 4 سالا بيبي مرڪ ۽ڳوٺ فقيرمل واسي 6 سالا نادر علي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. نئون ڳوٺ جي ملا پاڙي ۾ رولو ڪتي 12ورھين جي نينگر ضامن علي پٽ ھارون علي لاکير کي ڏاڙھي وڌو جنھن کي وارثن وئڪسين ڪرائڻ لاءِ بيسڪ ھيلٿ نئون ڳوٺ آندو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر ذولفقار علي ڏيپر ليٽر ڏئي راڌڻ اسپتال روانو ڪري ڇڏيو. ڀرياسٽي ڀرياروڊ ۽ آسپاس رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو ڳوٺ عبدالرحيم ڳاھيچو ۾ اڄ وڌيڪ ھڪ نوجوان کي رولو ۽ ڇتن ڪتن ڏاڙھي وڌو ڀرياسٽي جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ کيس ويڪسين ڏني وئي سڄاڻ ڌرين ڊپٽي ڪمشنر کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. شيخ ڀرڪيو ۾ ڀرسان ڳوٺ بچو لاشاري جو رهواسي65 ورهين جي پيرسن پورهيت شفيع محمد لاشاري کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.پيرسن وئڪسين لاءِ سول اسپتال ٽنڊو محمد خان روانو ٿي ويو.

Bookmark the permalink.