تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪاريون پٽيون ٻڌياحتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نوابشاهه، ڪوٽڙي، جيڪب آباد، ڪشمير، ڀرياسٽي، مٺي، دڙو ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مظاهرا ڪيا ويا. ڀريا بنيادي صحت مرڪز ڀريا روڊ، ڪنڍا کاھي دالي شھر ۽ ڀريا سٽي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي سڏ تي پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڏنل شيڊول مطابق ڪارين پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو 20 مئي کان پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن، علي محمد ميمڻ، اڪرم علي چوھاڻ، رسول بخش ميمڻ محمد اختر چوھاڻ، ساجن علي ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته حڪومت ڏنل جائز مطالبن تي غور ڪرڻ گهرجي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر ھلندڙ احتجاج 20 مئي تائين جاري رھندو جيڪڏھن ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ جنھن ۾ رسڪ الائونس،PPE ڪٽس، 30 سيڪڙو ھيلٿ پروفيشنل الائونس، ٽائيم اسڪيل، رڪوري ليٽر شامل آھن جيڪڏھن ان تي عمل نه ڪيو ۽ مطالبن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي ته اسان مجبور ٿي سڄي سنڌ ۾ او پي ڊيز ۽ آئيسوليشن ايمرجنسي وارڊز ۾ ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏينداسين. هوڏانهن مٺي سول اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن پاران رسڪ الائونس ۽ ڪورونا کان بچاءُ واريون ڪٽس نه ڏيڻ خلاف 2 ڪلاڪ ٽڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن چيو ته ملازمن کي حفاظتي ڪٽس ۽ رسڪ الائونس ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف دڙو ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ضلعي سجاول جي چيئرمين يونس سومرو، محبوب چوهاڻ، سليم سومرو، نجم ميمڻ ۽ طيب ميمڻ جي اڳواڻي ۾ دڙو رورل هيلٿ سينٽر آڏو ٻانهون تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. نوابشاهه ۾ ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن جي اسپتالن جنهن ۾ صحت مرڪز ڇتن شاهه، صحت مرڪز خير شاهه، صحت مرڪز بڇيري، صحت مرڪز دينو شاهه، صحت مرڪز ڪرم علي جمالي، يار علي جمالي، گورنمنٽ ڊسپينسري بهادر چانڊيو ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هوڏانهن ڪوٽڙي ۾ پيرا ميڊيڪل يونين طرفان رسڪ الائونس ڏيڻ ۽ بيسڪ پي ۾ اضافو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، پيرا ميڊيڪل يونين جي اڳواڻن پير بخش، شڪور ملاح، عبد الله سومرو ۽ اشرف جتوئي جي اڳواڻيء ۾ ٿيل احتجاج کان پوءِ 2ڪلاڪ ٽوڪن ھڙتال پڻ ڪئي وئي. ٻئي طرف ميهڙ پئراميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران پي پي اي ڪٽ نه ملڻ، رسڪ الائونس , عيد بونس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو رسڪ الائونس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي ڊاڪٽر عادل کوسو، ڊاڪٽر حسن رضا، ڊاڪٽر طفيل جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي پاران او پي ڊي کان اسپتال جي مک دروازي تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. ٻئي طرف ڪشمور جي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ورڪرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعلي سنڌ صحت کاتي جي وزير، ۽ اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي ٻين صوبن وانگر تمام سهولتون ڏنيون وڃن نه ته ڪم ڇڏ هڙتال ۽ پر امن احتجاج جو حق رکون ٿا.

Bookmark the permalink.