تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وهنجڻ دوران 3 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا

قاضي احمد/منهڙو/ ٽندوغلام حيدر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وهنجڻ دوران 3 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا، قاضي احمد ۾ 10هين ڪلاس جو شاگرد وقار ابڙو سخت گرمي جي ڪري ريڻ شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو. فوتي جو لاش قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق ڪرڻ بعد وارث سندس لاش واپس گهر کڻي ويا. ٻئي پاسي منهڙو ۾ نينگر عابد حسين ابڙو شاخ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ماتلي باءِ پاس وٽ 11 ورهين جو نينگر سليم واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو. ٽنهي فوتي ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.