تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڪ عورت سميت ٽن نوجوانن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

مٺي ( رپورٽر) مٺي جي ڳوٺ کارو بجير ۾ 20 ورهين شادي شده ناري صائمه زال ياسين بجير مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٻن نوجوانن ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ڳوٺ لونگ بالادي ۾25ورهين جي نوجوان علي بخش لاشاري گهريلو اڻبت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ صالح ٿيٻو 35 ورهين جي امداد انب جي وڻ ۾ ڦاهي کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻئي طرف هالا ويجهو 26 ورهين جي نوجوان اياز ولد ايوب سولنگي بيروزگار کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.