تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ مٽي جي طوفان سبب حيسڪو جا 113 فيڊرز بند، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ بجلي جي فراهمي معطل

متاثر فيڊرز تي مرمتي ڪم جاري آهي، جلد بجلي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن: حيسڪو ترجمان

ڄامشورو، نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي معطل

حيدرآباد ( بيورو رپورٽر) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ مٽي جي طوفان سبب حيسڪو جا 113 فيڊرز بند ٿي ويا، حيدرآباد، ڄامشورو، نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي معطل، حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر فيڊرز تي مرمتي ڪم جاري آهي، جلد بجلي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. حيسڪو ترجمان موجب طوفان ۽ تيز برسات سبب حيسڪو جي 78 فيڊرز جي واهپيدارن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ترجمان موجب لاڙ سرڪل، نواب شاهه، حيدرآباد سرڪل، ۽ ميرپورخاص سرڪل جي 78 عدد 11 ڪي وي کي بجلي فراهمي متاثر ٿي آهي جنهن ۾ نوري آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، مٽياري، هالا، سعيد آباد، ٽنڊوآدم، شهدادپور، سانگهڙ، کپرو، ميرپورخاص، نواب شاهه، ٽنڊو محمد خان، ماتلي ٺٽو، بدين ۽ حيدرآباد جا فيڊر شامل آهن. ترجمان موجب حيسڪو برسات ۽ طوفان گهٽجڻ سان ئي عملي مختلف علائقن ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر فيڊرز تي مرمتي ڪم جاري آهي، جلد بجلي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

Bookmark the permalink.