تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سنڌ جي لاڙ پٽي ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا فش فارمن ۾ تبديل: بيهه، پاٻوڙا، قم، لوڙهيو ۽ ڪوڻيون اڻلڀ

ماڃر واري علائقي ۾ 400 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ ڍورا ھوندا ھئا

سجاول(رپورٽ: مشتاق سعيد) سنڌ جي لاڙ پٽي ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا گهٽجڻ سبب پاٻوڙا، بھه، قم، لوڙھيون ۽ ڪوڻيون اڻلڀ، ان ڏس ۾ لاڙ پٽي جي ماڃر واري علائقي ۾ 400 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ ڍورا ھوندا ھئا، جن مان ساحلي علائقي جون 32 ڍنڍون سمنڊ پائي ويو، ڪيترين ئي قدرتي ڍنڍن کي ختم ڪري ھٿرادو فش فارم قائم ڪيا ويا آھن، قدرتي ڍنڍون گھٽجڻ ڪري بھن، پاٻوڙن، لوڙھين، قمن ۽ ڪوڻين جي پيداوار ۾ پڻ گھٽتائي اچي وئي آھي، جڏهن ته ڪوڻيون ۽ قم اڻلڀ ٿي ويا آھن. 20 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ بھه هاڻ سجاول ۽ ڀرپاسي جي شھرن ۾ 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيا آھن، لوڙھيون 80 رپيا ۽ پاٻوڙا 200 رپيا في ڪلو وڪامي رھيا آھن. بھه وڪڻندڙ عيدن ماڇي، آفتاب ونگائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اڳ ۾ قدرتي ڍنڍن ۾ وڏي پيماني تي بھه ٿيندا ھئا، ھاڻي اڪثر ماڻھن ڍنڍن جو قدرتي ماحول ختم ڪري فش فارم قائم ڪري ڇڏيا آھن، جنھن ڪري بھن جي پيداوار گھٽجي وئي آھي. ڳوٺاڻن ايوب ميربحر، وسايو پارھيڙي، طالب ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته لوڙھيون، بھه، قم ۽ ڪوڻيون سنڌ جي ڍنڍن جي سوغات ھوندي ھئي پر وڏي عرصي کان دريا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري 32 ڍنڍون سامونڊي کاڌ جي ور چڙھي ويون.

Bookmark the permalink.