تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ آيل سامونڊي طوفان کي ٻه ڏهاڪا گذري ويا، 294 مهاڻن جا پونئير اڄ به اشڪبار، 450 ماڻهن جو پتو نه پيو

19 مئي 1999ع جي سامونڊي طوفان ۾ جگر جا ٽڪرا وڃائيندڙ سوين ماڻھن کي سڏڪندي 21 ورهه گذري ويا

سامونڊي طوفان 02A سنڌ جي ضلعن ملير، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي ڪنارن ٽڪرايو ته تباھي مچائي ڇڏي

سجاول/ جاتي/ چوھڙ جمالي (رپورٽون: مشتاق سعيد، علي اڪبر ٿھيم، حميد الله ميمڻ) 19 مئي 1999ع ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي آيل سامونڊي طوفان ۾ جگر جا ٽڪرا وڃائيندڙ سوين ماڻھن کي سڏڪندي 21 سال گذري ويا، خميس جي شام 4 وڳي کان رات جو اڍائي وڳي تائين ھلندڙ سامونڊي طوفان ساڍا 10 ڪلاڪن دوران سنڌ جي ساحلي پٽي تي ھڪ نئين تاريخ لکي ويو، 294 ماروئڙن کان حياتيون کسيندڙ ۽ 450 ماھيگيرن کي لھرن ۾ لوڙھي گم ڪندڙ طوفان جا ڏنل زخم 21 سال گذرڻ باوجود متاثرن جي دلين اڄ به تازا آھن، طوفان ۾ 450 ماڻھو گم ٿي ويا جن جو اڄ تائين پتو ناھي پيو، 294 لاش ھٿ ڪيا ويا جن مان 85 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي سگھي ھئي باقي 209 لاش سڃاڻپ لائق ئي نه رھيا ھئا، طوفان ۾ گم ٿي ويل 450 ماھيگيرن جا وارث اڄ به اداس آھن ته پيارن جي موت جو يقين ڪري سندن ورسي ملھائين يا سندن واپس ورڻ جو اوسيڙو ڪري روئيندڙ اکين کي آٿت ڏين، ان قت جي وزير اعظم ميان نواز شريف 9 ڀيرا جاتي جو دورو ڪيو، معصوم ٻارڙن جي مٿي تي ھٿ رکي متاثرن سان جيڪي واعدا ڪيا سي 21 سالن ۾ به پورا نه ٿيا، 3 ڳوٺن کي ماڊل وليج بنائڻ، ساحلي ڳوٺن لاءِ پڪا رستا ٺاھڻ، مٺي پاڻي جو انتظام ڪرڻ ۽ ٿيل نقصان جو معاوضو ڏيڻ وارن اعلانن تي عمل نه ٿي سگھيو، طوفان جو کاڄ بنجي ويلن لاءِ ساحلي پٽي تي سرڪار پاران ڪو به يادگار نه جوڙيو ويو. 19 مئي 1999ع تي ڀارت کان ايندڙ سامونڊي طوفان 02A سنڌ جي ساحلي پٽي وارن ضلعن ملير، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي ڪنارن ٽڪرايو ته تباھي مچائي ڇڏي، سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل ۽ ڪنارن تي بيٺل سوين ھوڙا، لانچون، ننڍيون ٻيڙيون، ڳوٺ، روڊ رستا، چوپايو مال، جھنگلي جانور، پکي ۽ ھزارين وڻ طوفان جو کاڄ بڻجي ويا. مري ويل جانورن جي ڳرندڙ جسمن جي بدبوءِ علائقي ۾ ھفتن تائين پکڙيل رھي، 19 مئي خميس جي شام 4 وڳي طوفان ساحلي ڪناري سان ٽڪرائجڻ شروع ٿيو. جيڪو رات جو 11 وڳي زور پڪڙي ويو ۽ رات اڍائي وڳي تائين جاري رھيو رپورٽن موجب طوفان جي رفتار 270 کان 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رھي ۽ طوفان جو گھيرو 350 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 522 ڪلوميٽر ڊگھو رھيو. ڏيپلي کان ڪيٽي بندر ۽ لٽ بستي تائين طوفان جا اثرات پھتا طوفان وقت سمنڊ جي پاڻي جون لھرون 20 کان 30 فوٽ اوچيون ھيون، گھري سمنڊ ۾ ھلندڙ 60 کان 80 ڪلو گرام وزني مڇيون به ڪنارن تي مئل حالت ۾ مليون ھيون ۽ ڪيل سروي موجب مجموعي طور 10 ارب ڊالرز جو مالي نقصان ٿيو، ڳوٺن ۾ رات جي وقت ستل معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي لاش لھرن ۽ تيز ھوا سبب وڻن تي ٽنگيل حالت ۾ مليا پر سمنڊ ۾ ويل ماھيگيرن مان ڪيترن جا لاش ئي نه ملي سگھيا ھئا مقامي اين جي اوز ۽ روينيو کاتي پاران ڪرايل سروي موجب سجاول جي ساحلي تعلقن کاروڇاڻ، شاھبندر، جاتي ۽ بدين ضلعي جون 1400 ٻيڙيون، 15 ھزار گھر ۽ 516 ڳوٺ طوفان سبب تباھ ٿي ويا، 10 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا ۽ 25 ھزار چوپايا جانور مري ويا جاتي جي ھڪ ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل ۾ 61 ماڻھو ٻڏي فوت ٿي ويا ۽ ڳوٺ نور محمد چالڪو ۾ 25 ماڻھو فوت ٿيا. طوفان ختم ٿيڻ بعد سمنڊ جو پاڻي چڙھي اچڻ ڪري ڳوٺن ۾ لاش دفنائڻ لاءِ خشڪي واري جاءِ نه بچي جنھن ڪري وارث لاشن کي ٽريڪٽر ٽرالين ۾ کڻائي جاتي کڻي آيا جتي مگرڀين جي قبرستان ۾ دفنايا ويا ۽ ڪجھه لاش گڏاپ نالي جي بند تي دفن ڪيا ويا ھئا ڪجھه علائقن جا رستا ٻڏي وڃڻ ڪري لاش 3 ڏينھن پيل رھيا ۽ 3 ڏينھن بعد ڳريل حالت ۾ لاش آڻي دفن ڪيا ويا ھئا ڪيترائي لاش ڳري سڙي وڃڻ ڪري سڃاڻپ لائق نه رھيا ڪجھ لاشن جي سڃاڻپ سندن ڪپڙن، کيسن ۾ پيل ڪارڊن ۽ ٻين پار پتن سان ڪئي وئي

Bookmark the permalink.