تازا ترين
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

سنڌ جي جيلن ۾ ڊاڪٽرن جون 39 سيٽون خالي: صحت کاتي کان 100 ڊاڪٽر اڌارا طلب

جيلن ۾ ڊاڪٽرن جي 55 سيٽن تي رڳو 17 ڊاڪٽر مقرر ٿيل: 100 نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور سينٽرل، جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ نوشهروفيروز جي جيلن ۾ ڊاڪٽر ناهن

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي جيلن ۾ 39 ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور جي سينٽرل جيلن، جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ نوشهروفيروز جي ضلعي جيلن ۾ هڪ ڊاڪٽر به مقرر ٿيل ناهي، جيل اختيارين صحت کاتي کان ڊيپوٽيشن تي ڊاڪٽر گھري ورتا. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ جي جيلن ۾ ڊاڪٽرن جي 55 سيٽن تي 17 ڊاڪٽر مقرر آهن جڏهن ڊاڪٽرن جون 39 سيٽون خالي آهن، جنهن سبب جيلن جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو بحران آهي، مريض قيدي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن. “پنهنجي اخبار” کي مليل معلومات موجب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ صرف 2 ڊاڪٽر موجود آهن، جتي 5 سيٽون خالي آهن. اهڙي ريت ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ 2 ڊاڪٽر موجود ۽ 2 سيٽون خالي، سينٽرل جيل ميرپورخاص ۾ صرف هڪ ڊاڪٽر موجود، 3 سيٽون خالي، واءِ آءِ او اسڪول حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جي هڪ سيٽ خالي، نئين ضلعي جيل ٺٽي ۾ ڊاڪٽر جي هڪ سيٽ خالي آهي. رپورٽ موجب ضلعي جيل دادو ۽ سانگھڙ ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود ناهي، ڄاڻايل جيلن ۾ ٽيئي سيٽون خالي پيل آهن. اهڙي ريت سينٽرل جيل سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ جيڪب آباد، شڪارپور، گھوٽڪي، نوشهروفيروز، جيونائيل اينڊ وومين جيل سکر، وومين جيل لاڙڪاڻو، وومين جيل سنڌ ايٽ ڪراچي، نيو ڊسٽرڪٽ جيل شهيد بينظيرآباد، جونائل اينڊ وومين جيل ميرپورخاص ۽ اسپيشل جيل فار وومين شهيد بينظيرآباد ۾ ڊاڪٽرز جون سيٽون خالي آهن، اتي ڪو به ڊاڪٽر موجود ناهي. ٻئي طرف جيلن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي جيل اختيارين صحت کاتي کان دل ۽ نفسياتي بيمارين جي ماهرن سميت جنرل فزيشن ڊاڪٽر گھري ورتا. جن ۾ عورت ڊاڪٽرز به شامل آهن، جيل اختيارين موجب 100 کان وڌيڪ ميل ۽ في ميل ڊاڪٽر ڊيپوٽيشن تي گھريا ويا آهن ، جن کي سنڌ جي مختلف جيلن جي اسپتالن ۾ مقرر ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جيلن جي اسپتالن لاءِ 100 ڊاڪٽرن جي ڀرتي جي منظوري ڏني آهي، اهي ڊاڪٽر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا، انهن ڊاڪٽرن جي ڀرتي ۾ وقت لڳندو، ان ڪري صحت کاتي کان ڊيپوٽيشن تي ڊاڪٽر گھريا ويا آهن

Bookmark the permalink.