تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

سنڌ جي اهم سياسي شخصيت جو ويجهو ساٿي علي حسن بروهي گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي، اهم شخصيت کي ويجھو رهندڙ علي حسن بروهي زمينن تي قبضن جي الزام ۾ ساٿين سميت گرفتار، هٿيار هٿ، سهراب ڳوٺ پوليس ڪارروائي ڪري علي حسن بروهي کي ٽن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو. سهراب ڳوٺ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته علي حسن بروهي کي زمينن تي قبضن واري ڪيس ۾ ٽن ساٿين سميت گرفتار ڪيو آهي، جن وٽان جديد هٿيار به هٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته علي حسن بروهي سپر هاءِ وي تي 4 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو هو. سندس مٿان نويد بابر علي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي حسن بروهي سنڌ سان واڳيل هڪ اهم سياسي شخصيت جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي. هو اڳ ۾ به گرفتار ٿي چڪو آهي

Bookmark the permalink.