تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

سنڌ جو گورنر لا علمي جو شو ڪندو آهي، ڊي اين اي سنڌ جا ماهرين ڪري رهيا آهن، متاثرن سان گڏ آهيون: سنڌ سرڪار

جهاز لاهور کان آيو آهي جيڪڏهن هن ٽيم گهرائي آهي ته پوءِ الڳ ڳالهه آهي: مرتضيٰ وهاب

جهاز حادثي ۾ پوائنٽ اسڪورننگ نه ڪنداسين، متاثرن جي واهر ٿيڻ گهرجي:ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جو گورنر لا علمي جو شو ڪندو آهي، ڊي اين اي سنڌ جا ماهرين ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جهاز لاهور کان آيو آهي جيڪڏهن هن ٽيم گهرائي آهي ته پوءِ الڳ ڳالهه آهي پر هن کي خبر هجڻ گهرجي ته سمورا ڊاڪٽر سنڌ جا آهن. هن چيو ته واقعو سنڌ ۾ ضرور ٿيو آهي پر بنيادي ذميواري پي آءِ اي جي بڻجي ٿي،جيڪڏهن متاثر جا گهر نه ٺهرايا ويا ته اسان پنهنجن ماڻهن سان گڏ هونداسين. هن چيو ته جهاز حادثي ۾ پوائنٽ اسڪورننگ نه ڪنداسين، هن واقعي جي انڪوائري سول ايشن ڪري رهيو آهي ۽ ان جي ذميواري به آهي. هن چيو ته جڏهن واقعو پيش آيو ته وڏو وزير فوري طور تي ٽيمون موڪلڻ جون هدايتون ڪيون ۽ پاڻ به اتي پهچي صورتحال جائزو ورتو. هن چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي 16 ڪٽنبن کي هوٽل منتقل ڪيو ويو، جهاز ڪرڻ سبب 10 ڪارون ۽ 13 موٽر سائيڪلون سڙي ويون آهن انهن جي مالڪن کي معاوضو ملڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.