تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

سنڌ جو جر سڪي رهيو آهي، پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ۽ تحقيق ڪئي وڃي: ماهر

آبادي وڌڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ اضافو ٿئي پيو،پلاسٽڪ ٿيلهين کي بند ڪيو وڃي: مطالبو

اٽلي، برطانيا، ترڪي، جاپان، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ فلپائن مان ماهرن اسڪائپ ذريعي خطاب ڪيو

ڄامشورو (رپورٽر ) مهراڻ يونيورسٽي ۾ ”سول انجنيئرنگ ۾ پائيدار ترقي“ جي عنوان هيٺ ٿيل ٻئين عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي تعليمدانن، محققن، ماهرن ۽ صنعتڪارن لنڊن کان آيل ڊاڪٽر فيم ميمڻ، ملائيشيا جي ڊاڪٽر چن فري، آمريڪا جي ڊاڪٽر مرسڊيز، فلپائن جي ڊاڪٽر مارلا ملائيشيا جي ڊاڪٽر روسلي پنهنجي تجويزن ۾ چيو آهي ته پوري پاڪستان ۾ عمومي طور ۽ سنڌ ۾ خاص طور زيرزمين پاڻي گهٽجي رهيو آهي. انڪري تحقيق ڪرائي تحفظ کي يقيني بڻائي محتاط استعمال ممڪن بڻايو وڃي. تجويزن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽينڊرس ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي کي پابند بڻايو وڃي ته اها پولٽري فارمنگ جي کاڌ خوراڪ جي معيار تي نظر رکي ته جيئن گوشت واپرئيندڙ عوام جي صحت تي پوندڙ منفي اثرن کي روڪي سگهجي. ماهرن تعمير سازي ۽ عمارتن جي ڪم ۾ ماحول دوست انجنيئرنگ، جيئو ٽيڪنالاجيڪل انجنيئرنگ، انتظامڪاري کي بهتر بڻائڻ، پاڻي جي ورڇ واري انجنيئرنگ، نيڪاسي واري نظام ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو ڪرڻ واري انجنيئرنگ تي جديد تحقيق وڌائڻ جي گهر ڪئي آهي. مطالبو ڪيو ويو ته حڪومتي سطح تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي ۽ ان جي اثرن ۽ ڌرتي کي ٿيل نقصان تي پڻ تحقيق ڪئي وڃي. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهرن ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. تعمير سازي ۽ عمارت سازي جي ڍانچي جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سائنسدانن ۽ ماحول دوست انجنيئرن جون خدمتون ورتيون وڃن. ڪانفرنس ۾ آمريڪا، چائنا، اٽلي، برطانيا، ترڪي، جاپان، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ فلپائن مان ماهرن اسڪائپ ذريعي خطاب ڪيو.



Bookmark the permalink.