تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

سنڌ جا 4 آفيسر پي پي ايڇ آءِ ۾ مقرر: ڊيپوٽيشن تي پابندي باوجود واپس نه ٿيا

سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، ناڻي ۽ مڪاني کاتن جا ڪامورا 2007ع کان پي پي ايڇ آءِ حوالي

فنانس کاتي جو سيڪشن آفيسر غلام علي سومرو پي پي ايڇ آءِ جو چيف آپريٽنگ آفيسر مقرر ٿيل

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ حڪومت جا چار آفيسر ڪيترين سالن کان پي پي ايڇ آءِ ۾ مقرر، سپريم ڪورٽ پاران ڊيپوٽيشن تي پابندي باوجود بااثر آفيسر واپس نه ٿيا، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، ناڻي ۽ مڪاني کاتن ۾ 17هين، 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ 4 آفيسر هڪ نيم سرڪاري اداري ۾ ڪيتري عرصي کان ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن، فنانس کاتي جو سيڪشن آفيسر ۽ هن وقت پي پي ايڇ آءِ جي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ڪم ڪندڙ غلام علي سومرو 2008ع، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ سيد شاهد علي 2 مارچ 2009 ع کان، ڊائريڪٽر ايڇ آر جاويد احمد ابڙو 19 مارچ 2011ع کان ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جو 18هين گريڊ جو آفيسر ۽ هن وقت پرنسپل آفيسر طور ڪم ڪندڙ عبدالغفار سرهيو 2007 ع کان پي پي ايڇ آءِ ۾ شامل آهن، جڏهن ته پي پي ايڇ آءِ ۾ ڪم ڪندڙ ڄاڻايل آفيسرن مان ڊائريڪٽر ايڇ آر طور ڪم ڪندڙ جاويد احمد ابڙو پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کين سنڌ حڪومت مقرر ڪيو آهي، اهي ڊيپوٽيشن تي ناهن، هن چيو ته ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ آفيس اچو، هوڏانهن ذريعن موجب سنڌ حڪومت کان ڊيپوٽيشن تي ويل آفيسرن جي مقرري پي پي ايڇ آءِ جي طئه ڪيل قاعدن توڙي ضابطن خلاف آهي، هوڏانهن بار بار ڪوششن باوجود سيڪريٽري سروسز نويد شيخ فون اٽينڊ نه ڪيو، جنهن سبب سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ جي 22 ضلعن جون 1174 اسپتالون پي پي ايڇ آءِ حوالي
ڪراچي: پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيٽو تحت سنڌ حڪومت پرڳڻي جي سرڪاري اسپتالن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ شروع ڪيو، هن وقت سنڌ جي 22 ضلعن جي 1174 اسپتالن جو انتظامي ڪنٽرول پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ٿيل آهي.

Bookmark the permalink.