تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ جا 3 ڊي آءِ جي ۽ 2 ايس ايس پي تبديل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جا 3 ڊي آءِ جي ۽ 2 ايس پي تبديل آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا کي هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڪشمور مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ قمر زمان کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو، ٻئي پاسي عمر شاهد کي وري ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي طور ڪم ڪندڙ عبدالله شيخ کي ڊي آءِ جي لائسنس اينڊ ٽريننگ مقرر ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.