تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ جا ماڻهو ڇتن ۽ رولو ڪتن جي عذاب کان نه بچي سگهيا، مختلف شهرن ۾ 13 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ به اڄ ڇتن ڪتن وڌيڪ 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو

پاسي ٺري ميرواھ ۾ رولو ڪتن عورت سميت ٻن ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جا ماڻهو ڇتن ۽ رولو ڪتن جي عذاب کان نه بچي سگهيا، اڄ به مختلف شهرن ۾ 13 چڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي ڪتي ڏاڙهڻ جون خبرون هلڻ باوجود صبائي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي ڪتن جي وات مان نجات ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. لاڙڪاڻي ۾ اڄ ڇتن ڪتن وڌيڪ 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، چئن ڏينهن ۾ ڪتي چڪيلن جوتعداد وڌي 37 ٿي ويو. متاثرن ۾ 7 ورهين ردا بتول،30 ورهين جي آمنه ۽ شامن آهن جن کي چانڊڪا اسپتال جي اي آر وي سينٽر منتقلڪيو ويو جتي کين وئڪينس ڪئي وئي. ٻئي پاسي ٺري ميرواھ ۾ رولو ڪتن هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو. ڪتن جي ڏاڙھيل پيرسن عورت فاطما ۽ ڳوٺ ميهر ويسر واسي نوجوان سهيل اختر کي آندو ويو جتي کين ڪتي ڏاڙهڻ جي وئڪيسن ڪري گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. هوڏانهن پني عاقل ۾ رولو ڪتن ٽن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، متاثرن ۾ 6 ورهين جو بلاول چاچڙ، حفيظ چاچڙ ۽ قربان چاچڙ شامل آهن، زخمين کي اسپتال مان وئڪسين لڳائي واپس روانو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.