تازا ترين
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

سنڌ تعليم کاتي ۾ بندش باوجود ڄامشوري، عمرڪوٽ، ٿر ۽ بدين جا 190 استاد بدلي

عمرڪوٽ جا 82، ٿرپارڪرجا 87 ۽ ڄامشوري جا16 استاد ڪياويا

ڄامشوري جاشفيع ابڙو،احسان ميمڻ،محبوب ،پنهل خاصخيلي،اشوڪ ڪمار بدلي ٿيا

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ تعليم کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي باوجود ڄامشورو، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جا 190 استاد بدلي ڪيا ويا! عمرڪوٽ جا 82، ٿرپارڪر جا 87، ڄامشوري جا 16 ۽ بدين جا 5 استاد بدلي ڪرڻ جو ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صحيح سان نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي پاران عمرڪوٽ ضلعي ۾ خادم آرائين، ذوالفقار سميجو، لبنيٰ شاهين، ڪرمچند، آصف علي، گھنشام، عنايت علي، نياز علي، ڀمر لال، عبدالستار، دودو، نواز علي، نياز علي، سڄڻ، اوم پرڪاش، مشتاق محمد، عاصمه، عروسا، بشير احمد، مريم، محمد هاشم، عبدالقادر، الله بچائي، محمد رمضان، سلطان سنگھه، دولت ڪمار، ارباب علي، ماڪن، پرشوتم، شفيع محمد، نٿو، محمد اڪرم، نورمحمد، منصور علي، روزينه گُل، محمد موسيٰ، عبدالعزيز، شفاعت حسين، پرشوتم پُٽ ليمون، مومن، ميران، لعل محمد، محمد سعيد، گل محمد، عبدالعزيز، صحبت علي، خان محمد، محمد يونس، آدم، هارون، اشفاق حسين، اڪبر علي، عطا محمد، شگفته ڪوثر، مشتاق احمد، قبول احمد، نواز علي، ابوبڪر، عبدالغفور، حسن علي، احمد علي، محمد عرس، الله بچايو، دوست محمد، عبدالغني، سائين بخش، حامد علي، محمد عرفان، ڪمال الدين، محمد اسماعيل، مڪيش ڪمار، عبدالڪريم، عبدالطيف، سائينداد، محمد رانجھن، محمد ياسين، قادر ڏنو، لياقت علي، وديا، خير محمد، شنڪر لال ۽ سعيدالله جون ضلعي جي مختلف شهرن عمرڪوٽ، پٿورو، ڪنري، سامارو ٻين شهرن جي اسڪولن مان بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. هوڏانهن ضلعي ٿرپارڪر ۾ پرتاب، مشتاق حسين، جلال، عبدالرزاق، نورمحمد، عبدالجبار، قربان علي، نظر علي، محمد موسيٰ، ڀيمراج، محمد سومار، عبدالواحد، علي محمد، محمد جمن، ديال داس، رجب علي، نجم الدين، محمد، پونو، محمد قاسم، سڪندر علي، محمد صالح، مير خان، مشتاق علي، محمد حسين، گڻيش، سلمان الدين، محمد طيب، نياز محمد، نيازالدين، لعل بخش، نظرمحمد، جيرام داس، حاڪم علي، ميرخان، حاجي محمد، محمد عرس، محمد رحيم، عبدالڪريم، عبدالصمد، ڪيلاش ڪمار، محمد حسين، سهراب علي، عبدالغفار، محمد قاضي، منصور علي، امرت لال، جلال الدين، ديال داس، الله وسايو، اتم چند، صالح محمد، محمد، نور احمد، عبدالرزاق، ڪنڊو خان، شاڪر الدين، پرڪاش، شنڪر لال، محمد اسماعيل، مهرچند، علي اڪبر، هدايت الله، دولت رام، محمد هاشم، لقمان، روشن الدين، پرتاب راءِ، نهرو لال، محمد ميهر، انور علي، محمد رحيم، سکر، عبدالرحيم، علي حيدر، محمد ابراهيم، محمد حنيف، عبدالرحمان، انور علي، انور، عبدالرحمان، امر سنگھه، اشوڪ ۽ انور علي جون ضلعي جي مختلف شهرن ڏاهلي، ننگر پارڪر، ٿرپارڪر، ڪلوئي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ ٻين شهرن جي اسڪولن ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف ڄامشوري ضلعي ۾ شفيع محمد ابڙو، امداد علي، احسان ميمڻ، فاروق علي، محبوب خاصخيلي، پنهل خاصخيلي، رياض احمد، الله رکيو، اشوڪ ڪمار، رياض محمد، فيصل عمراڻي، علي مراد، محسن خان، محمد نعيم، محمد اويس ۽ عبدالغني جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون، ساڳئي ريت بدين ضلعي جي پرائمري استادن شڪيل الرحمان، احسان الله، انضاءَ صديق، احمد ۽ ڦولڻ ديوي کي مختلف اسڪولن ۾ بدلي ڪيو ويو. هوڏانهن تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته استادن جي کوٽ وارن اسڪولن ۾ ڪجهه بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ لاڳاپيل اختيارين کان خاص اجازت پڻ ورتي وئي هئي. واضح رهي ته تعليم کاتي پاران بدلين ۽ مقررين تي 15 مهينن کان لاڳو ٿيل پابندي رڳو 6 مهينا اڳ گذريل سال جي آگسٽ مهيني ۾ ٻن ڏينهن لاءِ کولي وئي هئي. جنهن دوران وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون هيون، اهڙي طرح 9 آگسٽ 2019ع کان ٻيهر پابندي برقرار رکي وئي هئي، جنهن کانپوءِ اڃا به بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ٿيل آهي.

Bookmark the permalink.