تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

“سنڌ بابت تاريخي حوالا ڏيڻ ۾ ناڪام رهيس” وسعت الله معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل کانپوءِ سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار وسعت الله خان پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي، هن چيو ته آئون سنڌ جي حوالي سان تاريخي حوالا ڏيندي انهن حوالن جا سمورا رخ ڏسڻ ۾ ناڪام رهيس. نجي ٽي وي چينل ڊان نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ٽئي ڏينهن اڳ منهنجي هن ئي ذرا هٽ ڪي پروگرام ۾ سنڌ جي تشخص جي تاريخي پس منظر ۾ هڪ ڪالر سوال ڪيو، مون پنهنجي طور تي تاريخي پس منظر ۾ جواب ڏنو، جنهن تي سوشل ميڊيا تي هڪ هنگامو شروع ٿي ويو، ڪيترن ئي مهربانن کي منهنجي جواب تي ڪاوڙ آئي، ڪيترن ئي ماڻهن اهو چئي ڏک جو اظهار ڪيو ته اوهان مان اهڙي ڳالهه جي اميد نه هئي، چيو ويو ته جواب جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، ڪيترائي سنڌ دوست گذريل 72 ڪلاڪن ۾ مون لاءِ حوصلي جو ٿنڀ به بڻيل رهيا، مون سوچيو ته وضاحت کان اڳ خوداحتسابي لازمي آهي، جيتوڻيڪ آئون ان نتيجي تي پهتس ته منهنجو جواب اڻپورو هو، لفظن جي چونڊ ۾ احتياط جي کوٽ هئي، ۽ تاريخي حوالا ڏيندي آئون انهن حوالن جا سمورا رخ ڏسڻ ۾ ناڪام رهيس، ان جي نتيجي ۾ منهنجي ڪيترن ئي دوستن کي محسوس ٿيو ته آئون سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ان جي جاگرافيائي کي چيلنج ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجو مقصد سنڌ کي ورهائڻ جي وڪالت آهي، ڳالهه اها آهي ته اوهان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهو ٿا پر پنهنجي ڪنهن قول ۽ فعل جي ڪري ماءُ کي غمزده نٿا ڏسي سگهو، اهڙي موقعي تي هر دليل ۽ موقف بي معنيٰ ٿي ويندو آهي ۽ واحد رستو اهو بچي ٿو ته اوهان ماءُ آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، منهنجي جواب ۾ منهنجي نيت ڇا هئي ڇا نه هئي، جيڪي ڄاڻن ٿا اهي ڄاڻن ٿا جيڪي نٿا ڄاڻن اهي نٿا ڄاڻن ان جي وضاحت جو وقت گذري چڪو آهي جيئن ته آئون سڌي ڳالهه ته آئون سنڌ کان غير مشروط معافي وٺان ٿو، منهنجي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ڪميونيڪيشن وڌيڪ بهتر بڻايان،ته جيئن ٻيهر ان طرح جي سنگين غلط فهمي پيدا نه ٿئي، منهنجي خيال ۾ سنڌ هڪ جاگرافيائي نه پر قومي وحدت جو نالو آهي ان وحدت ۾ هر اهو قبيلو برادري ۽ گروهه شريڪ آهن جنهن ان کي پنهنجو وطن بڻايو، هن چيو ته منهنجي جواب ۾ ڪراچي جو ڪٿي به ذڪر نه هيو، جيستائين ڪراچي جو سوال آهي ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڪراچي صرف ڪراچي جو گادي وارو شهر ناهي پر سنڌ جو چهرو آهي چهري کان بنا جسم ۽ جسم بنا چهرو بي معنيٰ آهي، چهرو تازو رهندو ته باقي جسم به ان مان طاقت حآصل ڪندو رهندو، جن دوستن طرح طرح جو پنهنجو ردعمل ڏيکاريو انهن جي باري ۾ بس اهو چوڻ چاهيندس ته جيڪي جيتري شدت سان پيار ڪندا آهن انهن کي انهي شدت سان مون کان شڪايت ڪرڻ جو به حق حاصل آهي، وسعت الله آخر ۾ جيئي پاڪستان جيئي سنڌ ڌرتي جو نعرو به لڳايو.

Bookmark the permalink.