تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سنڌ اسيمبلي ۾ دعا ڀٽو جي ڀيڻ اقرا پاران ٺاهيل ٽڪ ٽاڪ وڊيو وائرل

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو جي ڀيڻ اقرا ڀٽو جي اسيمبلي جي ايم پي اي لاجز ۾ ڪُرسي تي ويهي ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ٺاهڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، اسپيڪر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اجلاس هلڻ دوران جڏهن ماڪڙ جي مسئلي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر بحث ۾ مصروف هئا ته اوچتو ايم پي اي دعا ڀٽو جي ڀيڻ اقرا ڀٽو جي اها ويڊيو وائرل ٿي اسيمبلي ميمبرن تائين پهتي، پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي موبائل ۾ ويڊيو ڏسڻ بعد اسپيڪر آغا سراج دراني کي اماڻي ان بعد پارليماني معاملن واري صوبائي وزير مڪيش چاولا پڻ اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسيمبلي ميمبر جي ڪرسي تي صرف ميمبر ئي ويهي سگهي ٿو پر هتي دعا ڀٽو پنهنجي ڀيڻ اقرا ڀٽو کي وٺي آئي ۽ ان ڪرسي تي ويهي ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ٺاهي آهي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي اسپيڪر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري طور جاچ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو وضاحتي ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته منهنجي ڀيڻ پاران ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ واري ويڊيو بابت مون کي خبر هجي ها ته کيس ويڊيو ٺاهڻ نه ڏيان ها نه ئي اپ لوڊ ڪرڻ ڏيان ها، منهنجي ڀيڻ اقرا ويڊيو ٺاهي غلطي ڪئي آهي جنهن تي معذرت ڪيان ٿي.

Bookmark the permalink.