تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاران ڪائونسلن کي موثر بڻائڻ جي تجويز

حيدرآباد (بيورورپورٽ) سنڌ اسيمبليءَ جي مختلف پارٽين سان لاڳاپيل ميمبرن پاران وبا ڪووڊ_19 جي حوالي سان مقامي ڪائونسلن جي ڪردار کي موثر بنائڻ بابت تجويزون، ميمبرن پاران صوبائي حڪومت کي وبا خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مقامي ڪائونسلن کي مدد فراهم ڪرڻ جو مشورو. خبر موجب سماجي تنظيم هينڊز يو ايس ايڊ جي سهڪار سان ”وبا ڪووڊ_19 جي حوالي سان ادارن جو ڪردار“ جي عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ هڪ آن لائين مذاڪرو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پ پ ، پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پکڙيل وبا جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. وبا جي حوالي سان پاڻي، نيڪال ۽ صحت و صفائي بابت ڳالهائيندي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سمورن ادارن جو ڪردار اهميت رکي ٿو ته جيئن صحت جي سهولتن تي دٻاءُ کي گهٽائي سگهجي. گڏجاڻي ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن شميم ممتاز، سعديه جاويد، قاسم سومرو، تنزيله قمبراڻي، فنڪشنل جي نصرت عباسي، ايم ڪيو ايم جي رابعه خاتون، پي ٽي آءِ جي سدره عمران، رابعه اصغر ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن سميت هينڊز جي سي اي او ڊاڪٽر تنوير احمد شيخ، غلام مصطفيٰ زنئور، نديم وڳڻ، مقبول راهو ۽ صدف گل موجوده وبائي صورتحال ۽ ان کان بچاءُ حاصل ڪرڻ توڙي متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ بلدياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته مقامي حڪومتن ۽ ان جي ايڪٽ 2013ع کي پنهنجي بحث هيٺ آندو وڃي جنهن ۾ واضح طور تي مقامي ڪائونسلن، ڪارپوريشنن، ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين جو ڪردار ڄاڻايل آهي ته هو مقامي علائقن ۾ ڪنهن به بيماري، انفيڪشن يا ٻين وبائن جي خلاف مقرر ڪيل حدفن مطابق تڪڙا اپاءُ وٺنديون.

Bookmark the permalink.