تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

سنڌ آرڪائيوز ٻيهر اطلاعات کان ثقافت کاتي حوالي

ثقافت کاتي جو رڪارڊ به آرڪائيوز وٽ محفوظ ڪيو ويو آهي

ڪراچي: سنڌ آرڪائيوز واري ڊائريڪٽوريٽ کي اطلاعات کاتي کان ثقافت کاتي کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏنيوئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته آرڪائيوز ڊائريڪٽوريٽ وٽ سنڌ جو قديمي ۽ تاريخي رڪارڊ موجود آهي، اهو شعبو پهرين ثقافت پوءِ وري سڌ سماءُ واري کاتي جي ماتحت ڪم ڪندو رهيو آهي، ڪافي عرصي کان سنڌ جي ثقافت کاتي جو به رڪارڊ آرڪائيوز وٽ محفوظ ڪيو ويو آهي، انهي ڪري هاڻي هي کاتو سڌ سماءِ بدران سنڌ جي ثقافت کاتي جي حوالي ٿيڻ گهرجي، ڪابينا آرڪائيوز کي سڌ سماءُ کان ثقافت کاتي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.



Bookmark the permalink.