تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

سنڌڙي ۾ اهلڪار پاران چمڙي کي ماري نمائش، دليري جي دعويٰ

سنڌڙي (ن پ ا) پوليس ڏوھن تي ضابطو ته نه آڻي سگهي، پر سنڌڙي ۾ اهلڪار وڻ تي ويٺل وڏو چمڙو مارڻ بعد پڪٽ تي آڻي عوامي ھجوم آڏو نمائش ڪئي ۽ پنهنجي دليري جي دعويٰ ڪندو رهيو. خبر موجب گرهوڙ شريف پوليس پڪيٽ جي انچارج اي ايس آءِ محمد خان لغاري پوليس سپاھ ساڻ ڪري وڻ تي ويٺل وڏي چمڙي کي ماري پوليس پڪٽ تي کڻي آيو ۽ عوامي ھجوم گڏ ڪري نمائش لڳائي. ان موقعي تي اهلڪار پنھنجي دليري ظاھر ڪرڻ لاءِ ويڊيو رڪارڊ ڪرائي جيڪا بعد م سوشل ميڊيا تي ھلرائي وئي.اهلڪار محمد خان لغاري جو چوڻ هو ته چمڙي ننڍڙي ٻار تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو، جنهن بعد کيس فائرنگ ڪري ماريو آهي. ٻئي طرف ٻار جي زخمي ٿيڻ جي ڪي به اطلاع ناهن.

Bookmark the permalink.