تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سنڌڙي ۽ پير جو ڳوٺ ۾ ڪتن ٻن نينگرن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

سنڌڙي/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) سنڌڙي تعلقي ۾ رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو سنڌڙي ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ نينگر ياسين بروهي کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو جنهن کي ويڪسين لاءِ رورل ھلٿ سينٽر ڦلهڏيون منتقل ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ڀرسان پوليس جي پالتو ڪتي 12 ورهين جي نينگر نياز پٽ عبداللطيف ڄامڙو کي چڪي وڌو.
چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن جا پاليل ڪتا ڪيترن ئي ماڻهن کي اڳ به چڪ هڻي ڏاڙهي چُڪا آهن. جن خلاف ڪارروائي ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.