تازا ترين
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

سنڌڙي ڀرسان ميلي تان واپسي دوران ڪار ڪلٽي: هڪ فوت: 3 زخمي

سنڌڙي(ن پ ا) نئون آباد مان ميلي تان موٽندڙن سان حادثو، ھڪ فوت، 3 زخمي، مٺڙائو ڪئنال وٽ ڪار کڏ ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ 28 ورھين جو ممتاز علي چانهيو فوت ٿي ويو، دودو ولد عبدالله چانهيو، مھتاب ۽ قربان ولد اڪبر چانڊيو معمولي زخمي ٿي پيا، اطلاع بعد لاش ۽ زخمين کي وارث ڳوٺ کڻائي ويا. فوتي ممتاز چانھيو کپرو جي پ پ اڳواڻ وڏيري اسماعيل چانھيو جو اڪيلو پٽ ھو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا، اڄ منجھند جو اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.