تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

سنڌڙي پوليس جو مبينا نجي جيل تي ڇاپو، 10 هاري بازياب

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي پوليس عدالتي حڪم تي زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 10 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو. محمد بخش ماڇي جي درخواست تي سيشن ڪورٽ ميرپورخاص هارين جي بازيابي جو حڪم ڏنو، جنهن تي سنڌڙي پوليس زميندار طارق آرائين جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھڻي ماڇي برادري سان واسطو رکندڙ 10 هارين کي بازياب ڪرايو، جن ۾ زاھده، شبيران، ماروي، علي محمد، مشتاق، قربان، شاھد، سبحان ماڇي ۽ ٻيا شامل آھن. پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ٿيلن کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.