تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌي ٻٽڙا: کوجي ڪتن وسيلي پيرو کڻي ڦر جو مبينا جوابدار گرفتار

سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا ويجهو پوليس کوجي ڪتن وسيلي پيرو کڻي ڦر جي مبينا جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب سنڌي ٻٽڙا ويجهو ٻن ڄڻن شاهه رخ قمبراڻي ۽ ثاقب جتوئي کان گذريل رات ٿيل ڦر واري واقعي بعد پوليس ۽ ڀاڳين پاران صبح جو کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کنيو ويو، جيڪو گنجن جي ڪڪول واھ تي ويٺل پيرل دستي جي گھر ۾ لڳو، بعد ۾ پوليس گهر جو گهيرو ڪيو ته گھر ڌڻي فرار ٿي ويو، جنهن کي پوليس پيڇو ڪري سوگهو ڪري ورتو. جوابدار کي ميهڙ ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.