تازا ترين
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

سنڌي ادبي سنگت ذوالفقار سيال گروپ جا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت ذوالفقار سيال گروپ جا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن جنهن
سبب هاڻي 17 سيپٽمبر تي رٿيل چونڊن لاءِ پولنگ نه ٿيندي. مرڪزي چونڊ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين فقير محمد ڍول جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنگت جي مختلف مرڪزي ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي عهدن لاءِ بيٺل اميدوار هٿ کڻي ويا جنهن سبب انهن عهدن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي پريل دايو، جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي خاڪي جاني، عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي نذير ناز، خزانچي جي عهدي تي نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر جي عهدي تي قادر جاگيراڻي ڪامياب ٿيا آهن. لاڙڪاڻي جي ضلعي رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي ملهار سنڌي، دادو لاءِ ممتاز مصطفيٰ دوست، خيرپور لاءِ غلام علي عامر، شڪارپور لاءِ ساحل جوڳي، قمبر شهدادڪوٽ لاءِ فقير نُور تنيو، سکر لاءِ ڊاڪٽر وحيد سمائر، نوشهرو فيروز لاءِ مظهر خاصخيلي، ڪراچي لاءِ اصغر باغي، سجاول لاءِ علي حسن خاصخيلي، عمرڪوٽ لاءِ غلام قادر رند، بينظيرآباد لاءِ ايم بي ڏاهري، مٽياري لاءِ اُداس سولنگي، ڄامشوري لاءِ محبوب سنڌي، ٽنڊي محمد خان لاءِ اعظم ڀٽي، ٽنڊي الهيار لاءِ فقير محمد انڙ، بدين لاءِ سفير نظاماڻي، گهوٽڪي لاءِ راحب ملاڻو، جيڪب آباد لاءِ نثار تنيو، حيدرآباد لاءِ آغا ظفر ۽ سانگهڙ لاءِ بهادر رند بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. چونڊ ڪاميٽي مطابق 17 سيپٽمبر 2020ع تي حيدرآباد ۾ سڏايل چونڊ اجلاس سمورن عهديدارن جي بنا مقابلي چونڊجي اچڻ سبب منقعد نه ٿيندو ۽ ايندڙ آئيني اجلاس جي تاريخ بابت چونڊجي آيل مرڪزي باڊي ئي شاخن کي اطلاع ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي.

Bookmark the permalink.