تازا ترين
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

حيدرآباد (بيورورپورٽ) سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيون ويون آهن. چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ پينل جوڙيندڙ اميدوار زبير سومرو درخواست داخل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ چونڊ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گڏيل طور تي چونڊون ملتوي ڪري نئين تاريخ جو بعد ۾ اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت مرڪزي چونڊ ڪميٽي جي چيئرمين سليمان ڏاھري ايڊووڪيٽ ڪئي جنهن ۾ چونڊ ڪميٽي جي سيڪريٽري پارس حميد، ميمبر زيب نظاماڻي، سيڪريٽري جنرل جي اميدوار احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوارن اعجاز شاھ، خزانچي جي اميدوارن رمضان ميمڻ، حاڪم گل، مارو جمالي، آڊيٽر جي اميدوار سجاد ميراڻي، زاھد عباسي، حسين سارنگ، خليل پرھياڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جو اميدوار زبير سومرو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جو اميدوار عيسيٰ ميمڻ شريڪ نه ٿيا جڏهن ته سندن نمائندگي ٻن ساٿين ڪئي. اجلاس ۾ مرڪزي چونڊ ڪميٽي تي اعتماد جو اظھار ڪندي ڊبل ووٽ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو.

Bookmark the permalink.