تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، متاثرن جي پڪي ڏانهن لڏپلاڻ

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڪچو ٻڏي ويو، ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب ڳوٺاڻن پاران لڏپلاڻ جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي بچاءُ بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ويو، آبپاشي عملو ننڊ ستل. ان سلسلي ۾ سنڌو درياهه چاڙھ سبب مانجهند تعلقي جا به ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، سوين خاندان بي يارو مددگار، ڳوٺاڻن سر بچائي آر بي او ڊي سم نالي جي بند تي پناھ وٺي ڇڏي، ڪابه واهر نه ٿي، مانجهند لڳ ويهه دري وٽ ڳوٺ رستم کوسي جو ڳوٺاڻن هٿان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏنل رنگ بند ٽٽي پيو، بند ٽٽڻ سبب سڄو ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، ان کان علاوه مانجهند ڀرسان ريلوي لائين لڳ چار وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، چار ئي ڳوٺ انڊس هاءِ وي لڳ آر بي او ڊي سم نالي وٽ قائم آهن. ٻڏي ويل ڳوٺن جا سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، درياءَ ۾ چاڙھ کانپوءِ پاڻي اولهندي پاسي کان ڳوٺ الله رکيو ورياڻي ۾ داخل ٿي ويو. ڪيترائي گهر ڊَھي پٽ ٿي ويا، متاثر ڳوٺاڻن جو مانجهند سميت انڊس هاءِ وي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. انتظاميا متاثرن لاءِ ٻيڙين جو بندوبست به نه ڪري سگهي. هوڏانهن سنڌو دريا جي چاڙھ سيتاروڊ جي ڪچي ۾ تباهي آڻي ڇڏي، پاڻي هزارين ايڪڙن تي بيٺل تر، ساريون، گوار، بصر سميت ٻئي فصل کي تباھ ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ مرزو خان چانڊيو، همزو چانڊيو، اعظم چانڊيو، نصير چانڊيو، نظام چانڊيو، ڏتل چانڊيو، فريد ڀرٽ، حيدر ڀرٽ، شھمير ڀرٽ، صوف ڀرٽ، عبدالغفور ڀرٽ، عارب ڪلوئي، محرم ڪلوئي سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، پاڻي بچاءُ بند سان لڳڻ تي ڳوٺ رمضان ڪلهوڙو کي پڻ ٻوڙي ڇڏيو، گهرن ۾ پاڻي اچڻ تي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ لڳا. حمل ڍنڍ ۾ تيزي سان پاڻي چاڙهه سبب ڳوٺ ڳھڻو ڏيرو پاڻي جي گهيري هيٺ، پاڻي ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا رستا ۽ فريدآباد رنگ بندسان قائم ڳوٺاڻن جا گهر ٻوڙيندو فريدآباد رنگ بند سان لڳي ويو،پاڻي بيھڻ سبب رنگ بند سان ٺھيل دڪانن ۽ گهرن ۾ ڏار پئجي ويا.بچابند جي پڻ ڪمزور حالت بڻيل تازو چوماسي جي تيزبرساتن سبب ايف پي بچاء بند کي 0 زيرو آرڊي کان 346 آرڊي تائين 4 کان 5 فوٽن جاڪيترائي خطرناڪ رين گهارا ۽ کڏا پئجي ويا آهن ۽ بااثرن پاران ايف پي بچاءُ بند کي ڪڻڪ ڀرائڻ لاءِ ڏنل ڪٽ ۽ مھاٻوڏ 2010 دوران ايف پي بچاءُ بند کي آرڊي 340 وٽ لڳل گهاري سبب بند جي ڪمزور حالت حمل ڍنڍ ۾ پاڻي چاڙھ ۽ بند ٽٽڻ جي امڪاني خطري سبب ڳوٺاڻن جو ساھ مٽ ۾ اچي ويو آهي. ٻئي طرف سڪرنڊ ڀرسان سنڌو درياھ ۾ پاڻي جو چاڙھ برقرار، پنج لک کان مٿي پاڻي جو وهڪرو تعلقي سڪرنڊ مان ڪراس هئڻ جي ڪري بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، لاکاٽ مڏ بنگلي ۽ مڏ منگلي محراب پور ماڙي جلباڻي ڪيٽي جڙيو سميت سنڌو درياھ جي ٻيٽ ۾ ڳوٺن کي پاڻي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، سندس رستا پاڻي ۾.ٻڏي ويا ڳوٺاڻن جي اچ وڃ ٻيڙين ذريعي جاري سندن فصل ۽ هيٺيائين سطح تي ڳوٺ ۽ ٻڏي ويا جڏهن ته پاڻي جي متاثرن بندن پنهنجي مدد پاڻ جوپڙيون هڻي پنهنجي رهائش اختيار ڪري ورتي. ايريگيشن عملي پاران بندن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڳري مشيني جي ذريعي پچنگ جو ڪم جاري آھي، حساس مڏ منگلي تي موجوده سپريڊنٽ انجنيئر روهڙي ڪئنال حيدرآباد نياز حسين ميمڻ ٻڌايو ته ساڍا چار لک پاڻي جو وهڪرو ڪراس ڪري رهيو آھي بندن جي پوزيشن مضبوط آھي ڪابه خطري جي ڳالهه ناهي.

Bookmark the permalink.