تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنجهورو: برطرف ميونسپل ملازم جي پگهار تان ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او ۾ تڪرار

سنجهورو (ن پ ا) چيف ميونسپل آفيسر سنجهورو نجيع الله ابڙي ۽ ايڊمنسٽريٽر اي سي سنجهورو مراد علي عباسي وچ ۾ ھڪ ملازم جي پگهار واري مسئلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار شدت اختيار ڪري ويو جنهن سبب گذريل ٽن مهينن کان ميونسپل ڪميٽي جي 154 ملازمن جي پگهار نه ٿي سگهي سندن ٻچا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور، قرباني جي عيد جي موقعي تي به ايڊمنسٽريٽر مراد عباسي ۽ سي ايم او وچ ۾ مڪاني کاتي طرفان برطرف ڪيل جعلي ملازم خداڏني ڪاڇائي جي غيرقانوني پگهار نه ڀرڻ تي ميونسپل ڪاميٽي سنجهوري جي 154 ملازمن جي پگهار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ عوامي شڪايتن تي مراد عباسي کان ايڊمنسٽريٽر جي چارج واپس وٺي اي ڊي سي 2 جي چارج سهيل آرائين کي ڏني وئي هئي ۽ بعد ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽ آفيسر جي ٽرانسفر سبب پگهارن وارو معاملو رڪيل هو هڪ مهيني کانپوءِ اڪائونٽ آفيسر جي مقرري بعد مڪاني حڪومتن جو مدو پورو ٿيڻ تي ٻيهر ايڊمنسٽريٽر جي چارج اي سي سنجهورو مراد عباسي وٽ اچي وئي جنهن ساڳئي نموني هڪ جعلي ملازم جيڪو ساڳئي وقت صحافي ۽ اي سي سنجهوري جو سوشل ميڊيا تي سندس اڪائونٽ هلائڻ سان گڏ سندس حمايت ۾ پوسٽون رکندو آھي ان جي غيرقانوني پگهار نه ڀرڻ تي هڪ ڀيرو ميونسپل ڪاميٽي جي 154 ملازمن جي پگهار نه ٿي سگهي اهڙي طرح ٽي مهينا گذرڻ باوجود ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم پگهارن کان محروم آھن، ان حوالي سان سي ايم او سنجهورو نجيع الله ابڙي جو چوڻ آھي ته جعلي ملازم جي پگهار واري معاملي تي آئون ايڊمنسٽريٽر جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس هن چيو ته مون ايڊمنسٽريٽر جي چوڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر جعلي ملازم جي ڪاغذن جي ويريفيڪيشن لاءِ مڪاتي کاتي جي هيڊ آفيس کي لکيو آھي پر تيستائين ٻين 154 ملازمن جي پگهار نه ڪرڻ ايڊمنسٽريٽر جي هٺ ڌرمي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، هن چيو ته ان ۾ کوڙ سارا اهڙا ملازم به آھن جن جو گذر سفر انتهائي مشڪل سان ٿئي ٿو پر ايڊمنسٽريٽر صاحب کي ان معاملي جو تر جيترو به احساس ڪونهي، هوڏانهن ايڊمنسٽريٽر سنجهورو کي بار بار ڪال ڪرڻ باوجود سندس طرفان ڪال رسيو نه ٿي.

Bookmark the permalink.