تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

سموري ملڪ ۾ عيد الاضـــحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، عيد نماز جي اجتماعن دوران ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعائون

ڪٿي ايس او پيز تي عملدرآمد ته ڪٿي ڀڃڪڙي نظر آئي

عيد نماز کانپوءِ سُنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان/بيورو رپورٽ) سموري ملڪ ۾ عيد الاضـــحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، عيد نماز جي اجتماعن دوران ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعائون، ڪٿي ايس او پيز تي عملدرآمد ته ڪٿي ڀڃڪڙي نظر آئي، اڪثر هنڌن تي حفاظتي اپاءُ مڪمل طور نظر انداز، عيد نماز کانپوءِ سُنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري آهي، اڪثر شهرن ۾ رستن ۽ گهٽين تي ماڻهو قرباني جا جانور ذبح ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.