تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، هڪ ڏينهن اندر 2لک35 هزار 480 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو ڪُل انگ 2 ڪروڙ 95لک 3هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ هڪ هزار 139 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 97هزار کان وڌيڪ شهري وائرس ۾ وٺجي ويا. آمريڪا ۾ 833 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 29 هزار 890 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ 629 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 71هزار 678 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 148، اسپين ۾ 239، ايران ۾ 179، انڊويشيا 135، عراق ۾ 82، ترڪي ۾ 63 ۽ فلپائن 69 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب وبا سبب هيل تائين فوت ٿيلن انگ 9 لک 42 هزار 950 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.