تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سمنڊ ۾ چاڙهه،جاتي شهر ۽ سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو، رهواسين ۾ خوف پکڙجي ويو

چاڙهه جاتي کان صرف 20 ڪلوميٽر پري ڳوٺ حاجي ڏونگر جت تائين پهچي ويو

چاڙھ جتن وارو ڍورو ۽ ڪڍڻ واري ڍوري وٽ سنڌو دريا جي پراڻي ڇاڙ طرف تيزي سان وڌڻ شروع ڪيو.انساني آبادي متاثر ٿيڻ جو خطرو
سمنڊ ۾ چاڙهه (فائيل فوٽو)

جاتي(رپورٽ: خلق الرحمان )سامونڊي چاڙھ ۾ گھڻي اضافي سبب جاتي شھر کي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ان ڏس ۾ گذريل گھڻي عرصي کان لاڳيتو جاري رھندڙ سامونڊي چاڙھ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آھي جنھن ڪري ھاڻي سنڌ جا شھر ٻڏڻ جي خطري ھيٺ اچي وياآھن . جاتي کان تقريباً 20 ڪلوميٽر پري سمنڊ ڪناري ڳوٺ حاجي ڏونگر جت ويجهو سمنڊ جي چاڙھ ھڪ اھڙي ھنڌ تي خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي جتان جاتي شھر سميت 20 ڪلوميٽرن تائين سوين ڳوٺن ۽ وسندين جو سمورو علائقو ترت ڪنهن به وقت سمنڊ ۾ ٻڏي ويندو، سمنڊ جي اھا چاڙھ جتن وارو ڊورو ۽ ڪڍڻ واري ڍوري وٽ سنڌو دريا جي پراڻي ڇاڙ طرف تيزي سان اوچتو وڌڻ شروع ڪيو آهي جو جيڪڏهن سنڌو دريا جي پراڻي ڇاڙ ( سنڊو) ۾ داخل ٿيو ته اھا ڇاڙ جاتي شھر کان رڳو ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي درگاهه اسماعيل شاهه بخاري ( سنڊي بندر جي پراڻي آثارن تائين تمام آساني پھچي ويندو ۽ اھو رستو وٺي پھچندڙ سمنڊ انتھائي گهڻي خطرناڪ تباهي مچائيندو . اھڙن امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ذڪر ڪيل جڳهه تي سمنڊ جي کاڌ تي ڪنهن به اسيمبلي ميمبر يا اداري نوٽيس نه ورتو آهي پر جاتي شھر واسين کي اھا خبر خوف ۾ وٺي چڪي آهي . مقامي سماجي ڪارڪنن عاجز علي محمد ٿھيم ۽ نثار ٿھيم جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو تازو نانگڻ ڍورو سم نالو جي گائيڊيڊ بند ٻڌڻ سان جتي ڪجهه ڳوٺن کي فائدو رسيو آهي اتي ڳوٺ حاجي ڏونگر جت جي اوڀر سمنڊ جي خطرناڪ چاڙھ جلد ئي جاتي سميت 20 کان 25 ڪلوميٽرن جو علائقو تباهي جي نشاني تي آهي ان جو بنادير نوٽيس ورتو وڃي .

Bookmark the permalink.