تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي

وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري وارو معاملو ڏهه ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري وارو معاملو 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي ۽ وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر پيش ٿيو.
وفاق طرفان مهلت طلب
ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار ميمبرز جي مقرري وارو مامرو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن پارلياماني ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو، معاملو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪوششن جو به قدر ڪريون ٿا.
پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو پيا آڻيو؟
عدالت ن ليگ اڳواڻ ۽ درخواستگذار محسن شاهه رانجهان کان پڇيو ته ڇا توهان سُپريم ڪورٽ ۾ ڪا پٽيشن داخل ڪرائي آهي ڇا؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن معاملا حل ٿيڻ وڃي رهيا آهن ته توهان عدالت ڇو آيا؟ توهان اهڙا مامرا عدالت ۾ ڇو آڻيندا آهيو، سمجهه ۾ نٿو اچي. چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته سڀ ڪجهه توهان وٽ آهي، چونڊيل نمائندا آهيو، پاڻ معاملا حل ڪيو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا معاملا عدالت ۾ ڇو آڻي رهيا آهيو؟ توهان کي اسان وٽ نه اچڻ گهرجي، بلڪه سمورا اختلاف پارليامينٽ ۾ حل ڪريو، هر ميمبر کي گهرجي ته ڪوشش ڪري عدالت بدران پارليامينٽ ۾ ئي معاملو حل ڪري.
توهان کي پارليامينٽ مضبوط ڪرڻي آهي
چيف جسٽس اطهر من الله نواز ليگ اڳواڻ محسن شاهه نواز رانجها سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. هتي ماضي ۾ ڪجهه شيون ٺيڪ نه ٿيون آهن، اسان جي نظر ۾ آهي، توهان کي پارليامينٽ ۾ وڏا وڏا اشوز حل ڪرڻي آهن، هي ته رڳو ٻن ميمبرز جي مقرري جو معاملو آهي.
منڊيلا مخالفن کي معاف ڪيو هو
چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته نيلسن منڊيلا 24 سال قيد ڪاٽڻ باوجود پنهنجي مخالفن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. محسن شاهه نواز رانجها چيو ته کيس اُن پٽيشن جي خبر نه آهي، جيڪا سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي.
سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي استدعا
ٻڌڻيءَ دوران سيڪريٽري قومي اسيمبلي عدالت کي استدعا ڪئي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين درخواست ڪئي آهي ته معاملو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار به وقت ڏيڻ چاهي ٿو، ٻئي ڌُريون متفق آهن ته معاملو حل ڪري وٺو. پارليامينٽ جي بالادستي جي ذميواري توهان تي لاڳو ٿئي ٿي. عدالت معاملو 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.