تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سليڪٽڊ احتساب عدالتن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته احتساب جي عمل ۾ پسند ناپسند نه هجڻ گهرجي، احتساب جو عمل صرف قانون موجب ئي هجڻ گهرجي، سليڪٽڊ احتساب عدالتن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندو آهي، بينڪ ڊفالٽر جوابدار ارشد علي جي بريت خلاف نيب جي اپيل تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. جسٽس قاضي امين پڇاڻو ڪيو ته جڏهن اهو قرض ڏنو ويو ته ڇا رياست ستل هئي؟ انهن قرضن ۾ سمورا وڏا ماڻهو آهن ڪير ڪٿي ويٺو آهي ته ڪير ڪٿي، بينڪ کان قرض وٺڻ نيب جو ڪيس ڪيئن ٿي ويو؟ نيب جي وڪيل ٻڌايو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري بنا اهو قرض ورتو ويو، اصل ذميوار ذوالفقار نالي شخص فوت ٿي ويو. جسٽس قاضي امين چيو ته احتساب جي عمل ۾ پسند ناپسند نه هجڻ گهرجي، احتساب جو عمل صرف قانون موجب ئي هجڻ گهرجي، جسٽس مشير عالم چيو ته سليڪٽڊ احتساب عدالتن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندو آهي، جسٽس قاضي امين چيو ته لکين ماڻهو بينڪ جا ڊفالٽرز آهن ته ڇا نيب سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي؟ ڪيترن خلاف ريفرنس ٺاهيا؟ هي ڪيس نيب جي دائري ۾ نٿو اچي، جسٽس مشير عالم چيو ته نيب منظور نظر ماڻهن کي ڇڏي ڏيندو آهي.

Bookmark the permalink.